فوج کي سويلين علائقن ۾ موڪلڻ جي نتيجي ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙي ٿيندي آهي: عمران خان

واشنگٽن :- وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته جڏهن فوج کي سول علائقن ۾ موڪليو ويندو آهي ته اُن جو نتيجو انساني حقن جي ڀڃڪڙين وارن واقعن جي صورت ۾ ملندو آهي. پاڪستان جي قبائلي علائقن ۾ فوج کي موڪليو ويو ۽ پوءِ اُتي انساني جانين جي نقصان جي نتيجي ۾ پاڪستاني طالبان وجود ۾ آيا. امريڪا جي دوري دوران هڪ تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي قبائلي علائقن ۾ فوج کي موڪلڻ وارو فيصلو غلط هو. اسان کي ڪڏهن به قبائلي علائقن ۾ فوج نه موڪلڻ گهرجي ها، ڇاڪاڻ ته قبائلي علائقا سدائين خودمختيار رهيا آهن، جِن جا پنهنجا قانون آهن، برطانيا به پنهنجي حڪومت ۾ انهن علائقن تي قبضي جي ڪوشش نه ڪئي هئي. مختلف سوالن جا جواب ڏيندي عمران خان چيو ته فوج کي سول علائقن ۾ نه موڪلڻ گهرجي، ڇاڪاڻ جو توهان فوج کي سول علائقن ۾ موڪليندو ته اِن ڳالهه کي يقيني بڻائيندئو ته انساني حقن جي ڀڃڪڙي ٿئي. ڪوليٽرل ڊيميج (انساني جانيون جو ذيان) ٿيندو، ڇاڪاڻ ته اُتي ڪابه فوج نه هوندي آهي، بلڪه رڳو ڳوٺن مان گوريلا ڪارروائيون ٿينديون آهن. اُنهي انساني جانين جي ذيان کانپوءِ ئي پاڪستاني طالبان وجود ۾ آيا، اُن کان اڳ ته پاڪستاني طالبان ڪونه هئا. وزيراعظم عمران خان چيو ته ڪجهه عرصو اڳ پشتون تحفظ موومينٽ جو اُڀار به اصل ۾ قبائلي علائقن ۾ محرومي جو ردعمل آهي، پي ٽي ايم جي شروعات ٿي ۽ هو جيڪو ڪجهه چئي رهيا هئا، اُهو صحيح هو، قبائلي علائقا تباهه ٿي چڪا هئا ۽ اٽڪل اڌ آبادي بي گهر ٿي چڪي هئي. هُن پي ٽي ايم جي ميمبرز جي گرفتاري ۽ احتجاج جي ڪوريج تي پابندي وارين رپورٽس کي رد ڪندي چيو ته فوج هڪ چيڪ پوسٽ تي حملي کانپوءِ پي ٽي ايم خلاف ڪريڪ ڊائون ڪيو هو. ميڊيا تي پابندي جي حوالي سان سوال جو جواب ڏيندي وزيراعظم چيو ته پاڪستاني ميڊيا ته برطانوي ميڊيا کان به آزاد آهي، پر مسئلو هي آهي ته پاڪستان ۾ ميڊيا رڳو آزاد ناهي، پر ڪڏهن ڪڏهن ته ڪنٽرول مان ته نڪري ويندي آهي. پاڪستان ۾ 70 کان 80 چئنل موجود آهن، اُنهن مان رڳو ٽن چئنلز سينسرشپ جي شڪايت ڪئي آهي.