فوج کي حڪومت ڪيرائڻ لاءِ نه ٿا چئون، رڳو سليڪٽرز پوئتي هٽي وڃن، پوءِ اسان ڄاڻيون ۽ عمران ڄاڻَي: مريم نواز

لاڙڪاڻو := نواز ليگ جِي نائب مريم نواز چيو آهي ته اسان فوج کي حڪومت ڪيرائڻ لاءِ نه ٿا چئون، رڳو سليڪٽرز پوئتي هٽي وڃن، پوءِ اسان ڄاڻيون ۽ عمران ڄاڻَي. صدر مريم نواز چيو آهي ته اڪيلو ۽ ناڪام شخص پي ڊي ايم کان اين آر او جِي خيرات گهري رهيو آهي ۽ پنهنجا ميسينجر موڪلي رهيو آهي، گهرڀاتين کي شهبازشريف سان ملڻ ناهي ڏنو ويندو پر هُنن جَي ميسينجر لاءِ بنا دير جيل جا در کوليا ويندا آهن، ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ جلسي کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته عمران خان پاڻ اعتراف ٿو ڪري ته بنا تياري حڪومت ۾ نه اچڻ گهرجي، پر اصل ۾ ائين چوڻ گهرجي ته بنا تياري ڪنهن کي حڪومت ۾ آڻڻ نه گهرجي، هي جنگ عمران خان ۽ 22 ڪروڙ عوام جَي وچ ۾ آهي، عمران خان کي گهر موڪلي رهنداسين