فوجي طاقت جو استعمال خطي لاءِ خطرناڪ آهي: چين

بيجنگ:- آمريڪي دفاع واري وزارت تصديق ڪئي آهي ته ايران پاسداران انقلاب جي قدس فورسز جو ڪمانڊر قاسم سليماني آمريڪي هوائي حملي ۾ مارجي ويو آهي. ايران جي اعليٰ اڳواڻ خامنائي سخت انتقام وًٺڻ جي عزم جو اظهار ڪيو آحي. هن وقت آمريڪا ۽ ايران جا لاڳاپا وڌيڪ خراب ٿيا آهن ۽ وچ اولهه جي پيچيده صورتحال وڌيڪ غير مستحڪم ٿي وئي آهي. تجزيو ڪندڙن جي راءِ ۾ آمريڪا جو اهو قدم عرام ۾ آمريڪي سفارتخاني تي حملي جو ”انتقام“ ۽ ايران کي ڏيندڙ ”عبرتناڪ سزا“ آهي. نئين سال جي آمد کان اڳ عراق تي آمريڪا طرفان ڪيل فضائي حملن خلاف احتجاج ڪرڻ لاءِ ڪيترا ئي مظاهرو ڪندڙ آمريڪي سفارتخاني اڳيان گڏ ٿيا ۽ مظاهري دوران سفارتخاني تي حملو ڪيو. آمريڪا الزام لڳايو ته ان جي پويان ايران جي سازش آهي. جڏهن ته اها ڳالهه ته طئي آهي ته عالمي لاڳاپن ۾ فوجي قوت جو استعمال ڪرڻ جا تڪرار وڌيڪ خراب ٿيندا. چين جي جديد عالمي لاڳاپن جي تحقيقي اداري جي وچ اولهه انسٽيٽيوٽ جي محقق مطابق آمريڪا جي هوائي حملي جي جواب ۾ ايران طرفان آمريڪا تي حملو ڪرڻ جو خدشو آهي جنهن سان نه صرف خطي جي سلامتي متاثر ٿيندي پر ايران جي ائٽمي مسئلي جو حل وڌيڪ مشڪل ٿي ويندو.