فوجي اچي قانون نه ٺاهيندا، اهو ڪم قانونسازن جو آهي : سپريم ڪورٽ

اسلام آباد :- سُپريم ڪورٽ آرمي چيف جي مُدي واري واڌ جي حوالي سان مامرو حل ڪرڻ لاءِ حڪومت کي سڀاڻي تائين جي مهلت ڏيندي چيو آهي ته حڪومت حل نه ڪڍيو ته اسان پنهنجي آئيني ذميواري پوري ڪنداسين. فوجي اچي قانون نه ٺاهيندا، اهو ڪم قانونسازن جو آهي.
سُپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس آصف سعيد کوسه جي سربراهيءَ ۾ جُڙيل 3 رُڪني بئنچ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي ملازمت جي مُدي ۾ واڌ واري درخواست تي وقفي کانپوءِ ٻيهر ٻڌڻي ڪئي. جنهن دوران جسٽس منصور علي شاهه اٽارني جنرل کان پُڇيو ته ٻڌايو ته آرمي چيف جي معمول واري رٽائرمينٽ ڪڏهن ٿيندي آهي؟ ملازمت جو مُدو پورو ٿي وڃي ته ڇا رٽائرمينٽ ناهي هوندي؟ اٽارني جنرل چيو ته جي رٽائرمينٽ هوندي آهي. جسٽس منصور علي شاهه پُڇيو ته ڇا سروس پوري ٿيندي ئي رٽائرمينٽ به پوري ٿي ويندي آهي؟ چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته نوڪري مان ڪڍڻ جي صورت ۾ ڊسچارج يا پوءِ رٽائرمينٽ ٿيندي آهي، اسان سروس ٽرمينيشن جي حوالي سان سموري اسڪيم کي ڏسي رهيا آهيون. ان ۾ نوڪري مان نيڪالي، رٽائرمينٽ ۽ رٽائرمينٽ معطلي به اچي وڃي ٿي. جنگ ۾ عارضي طور رٽائرمينٽ معطل ڪري سگهجي ٿي.
هي ڪنهن جنرل نه، پر آرمي چيف جو مامرو آهي
ٻڌڻيءَ دوران چيف جسٽس منصور علي شاهه پُڇيو ته ڇا وفاقي حڪومت آرمي چيف کي مقرر ڪري سگهي ٿي؟ جنهن تي اٽارني جنرل چيو ته چيف آف آرمي اسٽاف جي رٽائرمينٽ طئه نه آهي، اهو هڪ عهدو آهي، جيڪو جنرل رينڪ جي آفيسر جو هوندو آهي. جسٽس منصور علي شاهه ريمارڪس ۾ چيو ته وزيراعظم جي سفارش تي صدر آرمي چيف کي آئيني عهدي لاءِ مقرر ڪندو آهي. جنهن تي اٽارني جنرل چيو ته عدالت کي آرمي چيف جي جنرل واري عهدي تي غور ڪرڻو پوندو. جنهن تي جسٽس منصور علي شاهه چيو ته آرمي چيف ۽ جنرل کي الڳ نٿو ڪري سگهجي، اسان جي اڳيان رڳو آرمي چيف جو مامرو آهي، ڪنهن جنرل جو نه آهي، آرٽيڪل 255 آرمي چيف کي ڊيل نٿو ڪري.
65 سال وارو مُدو پُراڻو ۽ اڻ لاڳاپيل آهي
ٻڌڻيءَ دوران جسٽس مظهر عالم ميان خيل پُڇيو ته آرمي چيف جي ملازمت جو مدو ڪيترو هوندو؟ جنهن تي اٽارني جنرل چيو ته آرمي چيف هڪ عهدو آهي، پر اُهو به جنرل آهي. جنهن تي چيف جسٽس چيو ته مُدو ته 65 سالن تائين لکيو آهي، اٽارني جنرل چيو ته اُهو ته پُراڻو ۽ اڻ لاڳاپيل آهي. آرٽيڪل 255 اي، بي ۽ سي رٽائرمينٽ جي حوالي سان آهي. جسٽس منصور علي شاهه ريامرڪس ڏيندي چيو ته وفاقي سرڪار آرمي چيف کي مقرر ڪندي آهي ۽ اُن لاءِ حڪومت آرٽيڪل 255 لاڳو ڪندي آهي، چيف آف آرمي اسٽاف کي وفاقي سرڪار نه، صدر مقرر ڪندو آهي. آرمي چيف کي صدر وزيراعظم جي سفارش تي مقرر ڪندو آهي، مون کي هُن جي جنرل هجڻ سان ڪو مسئلو نه آهي، هو ڀلي سڄي زندگي جنرل هجي، معاملو هي آهي ته اُن کي آرمي چيف طور واڌ ملي سگهي ٿي يا نه؟ ائين ته توهان کي به آرمي چيف مقرر سگهجي ٿو اٽارني جنرل چيو ته توهان چيو ته آرمي چيف کي وفاقي سرڪار مقرر نٿي ڪري سگهي، اُن کي صدر مقرر ڪندو آهي. جسٽس منصور علي شاهه چيو ته آرمي چيف جي مقرري حڪومت نٿي ڪري ته پوءِ اُن کي ملازمت جي مُدي ۾ واڌ ڪيئن ڏئي سگهي ٿي؟ ڇا آرمي چيف جو مُدو ختم ٿي وڃي ته رٽائر ٿي ويندو؟ جنهن تي اٽارني جنرل چيو ته جنرل جي رٽائرمينٽ جي ڪابه عمر نه آهي، جسٽس منصور علي شاهه چيو ته ان جو مطلب ته ڪنهن به جنرل کي آرمي چيف لڳائي سگهو ٿا؟ اِن ۾ ته اهو به نه لکيل آهي ته آرمي چيف آرمي مان ئي هوندو. ائين ته توهان کي به آرمي چيف بڻائي سگهجي ٿو. آرمي چيف ڪڏهن رٽائر ٿيندو؟ فوجي ته اچي قانون نه ٺاهيندا ٻڌڻيءَ دوران چيف جسٽس آصف سعيد کوسه هڪ ڀيرو ٻيهر اٽارني جنرل کان پُڇيو ته آرمي چيف ڪڏهن رٽائر ٿيندو؟ جنهن تي اٽارني جنرل چيو ته آرمي چيف سڀاڻي رٽائر ٿي ويندو. چيف جسٽس چيو ته پوءِ ته اُن جو فوري فيصلو ٿيڻ گهرجي. ڪابينا جيڪا سمري منظور ڪئي آهي، اُن ۾ لکيل آهي ته ٻيهر مقرري ٿي رهي آهي. فوج هڪ با عزت ادارو آهي، اسان جي معاشري ۾ فوج جو احترام آهي. حڪومت کي سڀاڻي تائين مهلت ٻڌڻيءَ دوران چيف جسٽس آصف سعيد کوسه ريمارڪس ڏنا ته فوجي اچي قانون ته نه ٺاهيندا، قانون ٺاهڻ قانونسازن جو ڪم آهي، اسان توهان کي سڀاڻي تائين جو وقت ڏيون ٿا، مامري جو حل ڪڍو، ٻي صورت ۾ اسان به آئين جو حلف کنيو آهي، پنهنجي آئيني ذميواري پوري ڪنداسين. جنهن کانپوءِ سُپريم ڪورٽ ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.