فواد چوڌري جي ڳالهين سبب پي ٽي آءِ ۽ ايم ڪيو ايم وچ ۾ ماحول خراب ٿيو: عمران اسماعيل

ڪراچي : – سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل چيو آهي ته متحده قومي موومينٽ پاڪستان بابت فواد چوڌري جي ڳالهين کان پوءِ پي ٽي آءِ ۽ ايم ڪيو ايم وچ ۾ ماحول خراب ٿيو آهي.

ڪراچي ۾ صحآفين سان ڳالهائيندي سنڌ جي گورنر چيو ته پاڪستان ۾ ماڻهو دل کولي عطيو ڏيندا آهن پر ٽيڪس نٿا ڏين. شوڪت خانم  منهنجي دل ۾ آهي. اسان جي خواهش هئي ته شوڪت خانم ڪراچي ۾ ٺهي. ڪراچي  مان ماڻهو علاج جي لاءِ ٻاهر ويندا هئا. دنيا ۾ اهڙا ادارا گهٽ آهن جتي ڪينسر جو علاج مفت ڪيو وڃي. شوڪت خانم اهو ادارو آهي جنهن چندي ۾ ڪڏهن به خيانت ناهي ڪئي.  جيستائين ڪينسر بابت آگاهي نه ڏني ويندي ان جو علاج ممڪن نه ٿي سگهندو.

عمران اسماعيل چيو ته ايم ڪيو ايم ۽ پي ٽي آءِ جي وچ ۾ اهڙو ڪجهه به ناهي هلي رهيو. خواجه اظهار سان  ڪالهه ڳالهيون ٿيون آهن. فواد چوڌري جيڪا ڳالهه ڪئي آهي ان سان ماحول خراب ٿيو آهي. وزيراعظم سان ڳالهائيندس پر ان سان اسان جو اتحاد متاثر نه ٿيندو. شهر ۾ اسٽريٽ ڪرائمز جي وڌندڙ ڪاررواين تي سنڌ جي گورنر چيو ته اسان ڪراچي ۾ ٻوري ۾ بند لاشن جو دور به ڏٺو هو. ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائم هڪ دفعو ٻيهر وڌي ويو آهي. پر آءِ جي سنڌ ۽ ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي اسٽريٽ ڪرائيم گهٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن اسان هر گهٽي جي ڪنڊ ۾ پوليس اهلڪارن کي مقرر نٿا ڪري سگهون.

سنڌ جي گورنر چيو ته جيڪو به ڪراچي ۾ ڪچري جي ڳالهه ڪري ٿو اسان ان سان گڏ آهيون. سنڌ سالڊ ويسٽ مينجمينٽ بورڊ مڪمل طور تي ناڪام ٿيو آهي. ڪچرو کڻڻ  ڪي ايم سي جو ڪم آهي ان کي ڪرڻ  ڏنو وڃي. واضح رهي ته فواد چوڌري چيو هو ته ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم جو جلد صفايو ٿي ويندو. ايندڙ بلدياتي چونڊن ۾ پ پ ۽ تحريڪ انصاف جي وچ ۾ مقابلو ٿيندو. جنهن تي ايم ڪيو ايم پاڪستان جي قيادت طرفان سخت رد عمل سامهون آيو هو.