فواد چوڌري، مريم نواز ۽ بلاول ڀٽو زراري کي سياسي شو پيس قرار ڏئي ڇڏيو: فيصلا آصف زرداري ۽ نواز شريف کي ڪرڻا آهن: وفاقي وزير

اسلام آباد:- وفاقي وزير فواد چوڌري، مريم نواز ۽ بلاول ڀٽو زراري کي سياسي شو پيس قرار ڏئي ڇڏيو، فواد چوڌري چيو آهي ته فيصلا آصف زرداري ۽ نواز شريف کي ڪرڻا آهن، ٻئي پنهنجي خلاف ڪيسز ختم ڪرڻ گهرن ٿا، باقي ٻين مامرن ۾ سندن ڪابه دلچسپي نه آهي، ٻارن سان ڳالهيون ڪري وقت ڇو ضايع ڪيو وڃي، نه لانگ مارچ ٿيندو ۽ نه ئي استعيفائون اينديون، سياست ٻيهر معمول تي اچي وئي آهي، سڀ ساڳي پگهار تي ڪم ڪندا