فضل الرحمان خلاف بغاوت ڪيس لاءِ درخواست جي سرڪار مخالفت ڪري ڇڏي

لاهور :- آزادي مارچ ڪندڙ مولانا فضل الرحمان خلاف بغاوت ڪيس لاءِ درخواست جي وفاقي سرڪار مخالفت ڪري ڇڏي آهي. لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي ٿي.  وفاقي سرڪار جي وڪيل چيو ته جيڪڏهن قانون هٿ ۾ کنيو ويو ته سرڪار ڪارروائي ڪندي. درخواست گذار چيو ته مولانا فضل الرحمان  مولانا عدالت جي توهين ڪئي. هن جي درخواست تي مولانا فضل الرحمان جي تقرير عدالتي ڪارروائي جو حصو بڻائي وئي. درخواست گذار چيو ته مولانا فضل الرحمان جمهوري سرڪار  کي 5 سال پورا ڪرڻ کان اڳ ختم ڪرڻ چاهي ٿو.  فضل الرحمان خانگي آرمي ٺاهي آهي.