فريد آباد ۾ امدادي راشن من پسندن کي ڏيڻ خلاف احتجاج

فريدآباد :- فريدآباد ۾ امدادي راشن من پسندن کي ڏيڻ  خلاف ايس يو پي ڪارڪنن ۽ شهرين حاجي خان مارفاڻي، بلاول ڇٽو ۽ غلام مصطفى سولنگي  جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو. پريس ڪلب اڳيان ميڙاڪي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته يونين ڪائونسل سطح تي ڪاميٽيون جوڙي حقدار خاندانن کي راشن ڏيڻ بجاءِ پنهنجن ماڻهن کي نوازيو پيو وڃي، جيڪا مسڪين  ماڻهن سان ويساھ گهاتي آهي. هنن اعلى اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ڪرپشن ڪندڙن کي هٽائي حقدارن سان انصاف ڪيو وڃي.