فريدآباد ۾ وائيس فار مسنگ پرسنز آف سنڌ پاران امتياز ۽ رياض خاصخيلي سميت سنڌ مان جبري طور کنڀي ڪيل قومي ڪارڪنن جي آزادي لاء اڄ ٽين ڏينھن به چار ڪلاڪ علامتي بک ھڙتال

فريدآباد ۾ وائيس فار مسنگ پرسنز آف سنڌ پاران امتياز ۽ رياض خاصخيلي سميت سنڌ مان جبري طور کنڀي ڪيل قومي ڪارڪنن جي آزادي لاء اڄ ٽين ڏينھن به چار ڪلاڪ علامتي بک ھڙتال جاري رھي ـ علامتي بک ھڙتال ۾ رياض ۽ امتياز خاصخيلي جي وارثن ۽ سياسي سماجي اڳواڻن سميت شھرين پڻ شرڪت ڪئي ـ
اڳواڻن انتھا جي گرمي ۾ مسلسل چار ڪلاڪ ويھي جبري طور کنڀي گم ڪيل پرامن قومي ڪارڪنن کي آزاد ڪيو جا نعرا ھڻندا رھيا ـ بک ھڙتال دوران وائيس فار مسنگ پرسنز آف سنڌ جي اڳواڻ ۽ بک ھڙتال جي ڪنوينر راجا مزمل خاصخيلي ـ ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته راتين جو ڌاڙيلن وانگر ڀتون ٽپي نياڻين تي تشدد ڪري پرامن قومي ڪارڪنن کي جبري طور کنڀي گم ڪري ڇڏڻ غيرانساني ۽ غير قانوني عمل آھي ـ اسين ان عمل جي مزمت ڪيون ٿا ـ بک ھڙتال تي ويٺل رياض ۽ امتياز خاصخيلي جي وارثن سياسي سماجي اڳواڻن ۽ شھرين عارف عمر ـ آصف حضوري ـ عبيدالله سنڌي ـ سعيد خاصخيلي ـ حاجي خان خاصخيلي مدثر رحمان ۽ ٻين ميڊيا کي گڏيل موقف ڏيندي چيو ته اسان جي ھڪ ئي گھر آھي ته اسان جي بي گناھ کنڀي گم ڪيل نوجوانن رياض ۽ امتياز خاصخيلي سميت سنڌ مان کنڀي گم ڪيل پرامن قومي ڪارڪنن کي پھرين مرحلي ۾ ته آزاد ڪيو وڃي جيڪڏهن اوھان سمجھو ٿا انھن تي ڪي چارجز آھن ته انھن کي ملڪ جي انصاف گھرن ۾ پيش ڪري ظاھر ڪيو وڃي ـ جيسين سنڌ مان جبري طور کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن کي آزاد نٿو ڪيو وڃي تيسين اسان ھر آئي ڏينھن سراپا احتجاج رھنداسين ۽ اسانجي پرامن جدوجھد جاري رھندي