فروغ نسيم سدائين غيرجمهوري قوتن لاءِ ڪم ڪيو, فورن استعيفيٰ ڏئي

اسلام آباد:- پاڪستان بار ڪائونسل وفاقي وزير فروغ نسيم کي عدليه کي بدنام ڪرڻ جو ماسٽر مائينڊ قرار ڏيندي کائنس فوري طور استعيفيٰ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. ڪائونسل انور منصور جي استعيفيٰ ۽ غير مشروط معافي جي آجيان به ڪئي آهي. پاڪستان بار ڪائونسل اڳوڻي اٽارني جنرل انور منصور جي غير مشروط معافي ۽ عهدي تان استعيفيٰ جي آجيان ڪندي قانون واري وفاقي وزير فروغ نسيم کي هٽائڻ جو مطالبو ڪيو. پاڪستان بار ڪائونسل جي پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته انور منصور موجب تڪراري بيان بابت حڪومت ۽ واڳيل شخصيتن کي خبر هئي، عدليه کي بدنام ڪرڻ جو ماسٽر مائينڊ فروغ نسيم آهي ۽ هُن سدائين غيرجمهوري قوتن لاءِ ڪم ڪيو آهي. پاڪستان بار ڪائونسل مطالبو ڪيو آهي ته فروغ نسيم بنا ڪنهن دير جي وفاقي ڪابينا کان ڌار ٿي وڃي، جڏهن ته سندس غيرجمهوري قدمن جي جاچ لاءِ اعليٰ سطحي جڊيشل ڪميشن جوڙي وڃي.