فردوس عاشق متحده کي خوش ڪرڻ لاءِ ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڄاڻايو

اسلام آباد :-  سُڌ سماءَ بابت وزيراعظم جي خصوصي معاون فردوس عاشق اعواڻ متحده کي خوش ڪرڻ لاءِ ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڄاڻائي ڇڏيو. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو طرفان متحده کي سنڌ حڪومت ۾ شامل ٿيڻ جي ٿيل آڇ جي ردعمل ۾ فردوس عاشق اعواڻ سماجي رابطن واري ويبسائيٽ ٽوئيٽر تي بيان جاري ڪيو.
بيان ۾ وفاقي حڪومت جي ترجمان ڪراچي ۽ سنڌ کي ڌار ڄاڻائيندي چيو آهي ته ڪراچي جو اصل مسئلو ڏهاڪي کان سنڌ تي مڙهيل ڪرپٽ ٽولو آهي، جيستائين اُهو هوندو، تيستائين سنڌ ۽ ڪراچي جي قسمت تبديل نه ٿيندي. بلاول صاحب! ڪراچي جو مسئلو سياسي جماعتن جا اتحاد ٽوڙڻ سان نه، پر ڪرپشن ۽ ڦرلٽ سان اتحاد ٽوڙڻ جي صورت ۾ حل ٿيندو.هُن وڌيڪ چيو ته تحريڪ انصاف کي عوام مينڊيٽ ڏنو آھي، اتحادين سان گڏجي عوام جا مسئلا حل ڪنداسين، سياسي ۽ عوامي ميدان ۾ ناڪام ٿيڻ بعد سياسي مخالف چور دروازا ڳولي رهيا آهن.