فردوس عاشق اعواڻ اليڪشن ڪميشن خلاف مبينا توهين آميزبيان تي معافي گهري ڇڏي

اسلام آباد: وزيراعظم جي سڌ سماءَ بابت خاص مددگار اليڪشن ڪميشن خلاف مبينا توهين آميزبيان تي معافي گهري ڇڏي آهي.اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان فردوس عاشق اعواڻ جي توهين آميز بيان خلاف مسلم ليگ ن جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.مددگار وڪيل اليڪشن ڪميشن وٽ پيش ٿيو ۽ فردوس عاشق اعواڻ پاران جواب جمع ڪرايو جنهن ۾ هن چيو ته مون اليڪشن ڪميشن جي توهين ناهي ڪئي، جيڪڏهن اليڪشن ڪميشن سمجهي ٿو ته مون توهين ڪئي آهي ته پوءِ آئون غيرمشروط طور تي معافي ٿي وٺان.درخواست ڪندڙ خالد محمود چيو ته آئون فردوس عاشق اعواڻ جي توهين آميز بيان جو ٽرانسڪرپٽ ۽ سي ڊي اليڪشن ڪميشن وٽ جمع ڪرائي چڪو آهيان، اليڪشن ڪميشن چيو ته اسان کي فردوس عاشق اعواڻ جي ڪا به سي ڊي نه ملي آهي.درخواست ڪندڙ خالد محمود چيو ته آئون وڊيو ٽرانسڪرپٽ ٻيهر جمع ڪرائيندس، فردوس عاشق جي وڪيل گذارش ڪئي ته درخواست ڪندڙ خالد محمود سندسن موڪل خلاف توهين آميز مواد نه ڏئي سگهيو آهي تنهن ڪري درخواست خارج ڪئي وڃي.اليڪشن ڪميشن درخواست ڪندڙ کان وڊيو ٽرانسڪرپٽ طلب ڪندي فردوس عاشق خلاف درخواست تي ٻڌڻي 25 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي