فرح خان پاران ڪيل شادي جي آڇ ٺڪرائي ڇڏي هئي:ڪرن جوهر

ممبئي:= 1998ع ۾ جڏهن  بالي ووڊ فلم ڪڇ ڪڇ هوتا هي رليز ڪئي وئي ته ان وقت کان ئي ڀارت جو مشهور هدايتڪار ڪرن جوهر ۽ هدايتڪاره فرح خان سٺا دوست آهن.  هدايتڪاره فرح خان  ڪرن جوهر جي فلم ڪڇ ڪڇ هوتا هي ۾ مهمان اداڪاره جو ڪردار به ادا ڪيو هو. ڪرن جوهر ڪيترن ئي انٽرويوز ۾ اهو ٻڌائي چڪو آهي ته هڪ ڀيرو فرح خان مون کي شادي جي آڇ ڪئي هئي پر ڪرن جوهر فرح سان شادي نه ڪرڻ جو ڪو خاص سبب به ناهي ٻڌايو. ماضي ۾ ڪرن جوهر هڪ شو(يارون کي بارات) ۾ به اهو ٻڌايو هو ته فرح مون سان شادي ڪرڻ ۾ دلچسپي رکندي هئي ۽ هن ائين ڪرڻ جي ڪافي ڀيرا ڪوشش به ڪئي هئي.ڪرن جوهر انڪشاف ڪيو ته فلم ڪڇ ڪڇ هوتا هي جي اسڪارٽ لينڊ ۾ شوٽنگ دوران فرح خان اڌ رات جو منهنجي ڪمري جو دروازو وڄائيندي رهي ۽ اهو چوندي رهي ته مون کي پنهنجي ڪمري ۾ ڀونءَ پيو ٿئي. ٻئي طرف هدايتڪاره فرح خان به ماضي ۾ ٻڌايو هو ته مون هڪ ڀيرو ڪرن جوهر کي شادي جي آڇ ڪئي هئي پر هن مون پاران ڪيل شادي جي آڇ ٺڪرائي ڇڏي هئي.ياد رهي ته هدايتڪاره فرح خان بالي ووڊ جي ڪيترين ئي سپر هٽ فلمن جي هدايتڪاري ڪري چڪي آهي. جن ۾ اوم شانتي اوم ۽(مين هون نه) جهڙيون فلمون به شامل آهن