فرانس ۾ پينشن ريفارمز جي خلاف احتجاج جو سلسلو جاري

پيرس:- فرانس ۾ پينشن ريفارمز جي خلاف احتجاج جو سلسلو جاري آهي. هزارين ماڻهن صدر جي پاليسي جي خلاف ريلي ڪڍي. پيرس مان نڪرندڙ ان جلوس ۾ عورتن جي به وڏي انگ شرڪت ڪئي. مظاهرين جي هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بينر کنيل هئا جن تي صدر جي پينشن ريفارمز جي خلاف نعرا لکيل هئا. احتجاج ۾ شرڪت ڪندڙ بينڊ بانجي ۽ رقص سان گڏ پنهنجو موقف پيش ڪيو. مظاهرين جو چوڻ هو ته فرانس ۾ ڪابه آمريت ناهي. صدر پينشن اصلاحيت جي حوالي سان نامڪمل بل پيش ڪيو آهي. واضح رهي ته فرانس ۾ پينشن ريفارمز جي خلاف ڪيترن ئي مهينن کان احتجاج جاري آهي ان کان اڳ استادن ۽ بجلي جي ادارن ۾ ڪم ڪندڙ اهلڪارن به مظاهرن جو سلسلو شروع ڪيو هو جنهن جي دوران ايفل ٽاور کي به بند ڪيو ويو هو.