فاروق ستار، عامر خان، اظهارالحسن، وسيم اختر ۽ محمد جاويد تي فردجرم لاڳو

ڪراچي :- دهشتگردي جي انت واري عدالت ايم ڪيو ايم جي باني پاران چڙ ڏياريندڙ تقريرن ۾ سهولتڪاري بابت ٻن ڪيسن ۾ ايم ڪيو ايم اڳواڻن تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏي آهي.ايم ڪيو ايم اڳواڻن جي خلاف چڙ ڏياريندڙ تقريرن بابت 27 ڪيسن جي ٻڌڻي دهشتگردي جي انت واري عدالت ۾ ٿي.جن ۾ جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪئي وئي.ان ۾ فاروق ستار، عامر خان، خواجه اظهارالحسن، ميئر ڪراچي وسيم اختر ۽ محمد جاويد شامل آهن. عدالت جي ڪمري ۾ جوابدارن ڏوهه قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو جنهن تي عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي گواهن کي طلب ڪري ورتو آهي.ياد رهي ته جن ڪيسن ۾ ايم ڪيو ايم اڳواڻن تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويو آهي اهي ٿاڻي ملير سٽي ۽  بريگيڊ ۾ داخل آهن. چڙ ڏيارڻ جي ٻين ڪيسن ۾ استغاثه طرفان گواهه انسپيڪٽر آزاد خان پنهنجو بيان قلمبند ڪرايو جنهن تي عدالت چڙ ڏياريندڙ تقرير جي 27 ڪيسن جي ٻڌڻي پهرين فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.