غوثپور لڳ پئسا گهرڻ تان بهلڪاڻي وڙهي پيا:نينگر مارجي ويو

غوثپور:- غوثپور ويجهو ڳوٺ ھيرالدين بهلڪاڻي ۾ پئسن جي ڏيتي ليتي تان بهلڪاڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو۔جهيڙي دوران لٺيون ۽ سروٽا لڳڻ سبب  6 سالن جو نينگر محمد سليمان بهلڪاڻي ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويو۔اطلاع تي غوثپور پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي فوتي نينگر جو مڙهه کڻائي اسپتال آندو،جيڪو پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو۔فوتي نينگر جي والد مھرالله بھلڪاڻي ميڊيا کي ٻڌايو ته فاروق ۽ الله رکيو وارن ڏي قرض جي رقم وٺڻ ويس ته جھيڙو ٿي پيو ۽ مٿي ۾  ڌڪ لڳڻ سبب نينگر ڪري پيو جنھن کي غوثپور اسپتال کڻي اچان پيو ته رستي ۾ دم ڌڻي در حوالي ڪيائين۔آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو، نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي.