غلطي ٿي وئي: ايران طرفان يوڪرائني مسافر جهاز ڪيرائڻ جو اعتراف

تهران/ڪيو:- ايراني فوج اعتراف ڪيو آهي ته يوڪرائني مسافر بردار جهاز انساني غلطي سبب تباهه ٿيو. 8جنوري تي تهران جي هوائي اڏي تان اڏندڙ اهو جهاز اڏام جي ڪجهه منٽن کانپوءِ ئي ڪِري تباهه ٿي ويو هو ۽ ان ۾ سوار 176 ڄڻا فوت ٿي ويا هئا.ايراني فوج طرفان جاري ڪيل هڪ بيان موجب آمريڪا سان سخت ڇڪتاڻ سبب ان هوائي جهاز کي غلطي سان هدف سمجهيو ويو، ان مسافر جهاز جو رُخ ايراني انقلاب گارڊز جي هڪ حساس فوجي مرڪز ڏانهن ٿي ويو هو، جنهن سبب ان کي هدف سمجهيو ويو.فوجي بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ان صورتحال ۾ انساني غلطي ۽ غير ارادي طور تي اها اڏام نشانو بڻجي وئي.بيان ۾ ان سانحي تي معذرت سان گڏوگڏ چيو ويو آهي ته ملڪ هاڻ پنهنجي نظام کي بهتر بڻائيندو ته جيئن مستقبل ۾ اهڙي قسم جي غلطي ٻيهر نه ٿئي، جڏهن ته غلطي جي ذميوارن خلاف به ڪارروائي ٿيندي.هوڏانهن ايراني صدر حسن روحاني سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ٽوئيٽ ۾ تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته اسلامي جمهوريا ان تباهي آڻيندڙ غلطي تي انتهائي افسوس جو اظهار ڪري ٿو، ان عظيم الميي ۽ معاف نه ڪرڻ جوڳي غلطي جي ذميوارن جي سڃاڻپ ۽ انهن خلاف ڪارروائي لاءِ جاچ جو سلسلو جاري آهي. هوڏانهن يوڪرائني صدر وولوديمير زيلنسڪي ايران کان مطالبو ڪيو آهي ته جهاز جي تباهي جي ذميوار کي سزا ۽ متاثرن خاندانن کي معاوضو ڏنو وڃي. فيس بُڪ تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ وولوديمير زيلنسڪي چيو ته يوڪرائني جهاز ڪيرائيندڙن کي انصاف جي ڪهٽڙي ۾  آندو وڃي.واضح رهي ته ايراني فوج اعتراف ڪيو آهي ته مسافر بردار يوڪرائني جهاز انساني غلطي سبب ڪيرايو ويو هو.اربع ڏينهن تهران ڀرسان ڪِري تباهه ٿيندڙ جهاز ۾ سوار 176 ڄڻا فوت ٿي ويا هئا.