غلطي تسليم ڪيو ۽ اسان سان شامل ٿي وڃو: پي ڊي ايم جي پ پ ۽ اي اين پي کي تجويز

اسلام آباد؛ اسلام آباد ۾ پي ڊي ايم جو سربراهي اجلاس مولانا فضل الرحمان جي صدارت ۾ جاري آهي، اجلاس ۾ شهباز شريف، مريم نواز، شاهد خاقان عباسي، احسن اقبال، آفتاب شير پائو، محمود خان اچڪزئي، طاهر بزنجو شامل آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته مسلم ليگ (ن) تجويز ڏني آهي ته جيستائين پيپلز پارٽي ۽ اي اين پي غلطي تسليم نٿا ڪن يا وضاحت نٿا ڪن تيستائين کين پي ڊي ايم مان خارج ڪيو وڃي. ذريعن موجب ، پي ڊي ايم جي سيڪريٽري جنرل شاهد خاقان عباسي ٻنهي پارٽين کي ڏنل شوڪاز نوٽيس تي بريفنگ ڏيندي چيو ته جواب ڏيڻ بدران ٻنهي ڌرين پي ڊي ايم تي ٺٺوليون ڪيون، مولانا فضل الرحمان ٻنهي ڌرين کي پنهنجي فيصلن تي نظر ثاني ڪرڻ لاءِ چيو پر ٻنهي اڃان تائين جواب ناهي ڏنو. سندس چوڻ آهي ته ٻنهي پارٽين تي مسلم ليگ ن جو موقف واضح هو ، هاڻي پي ڊي ايم کي انهن ٻنهي بابت فيصلو ڪرڻ گهرجي.