عيد ميلادالنبي صه مذهبي جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي

 اڄ سڄي ملڪ ۾ عيد ميلادالنبي صه مذهبي جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي.عيد ميلاد جي موقعي تي اسلام آباد جي اهم روڊن ۽ اهم عمارتن کي سجايو ويو آهي. جڏهن ته لاهور ۽ ڪراچي سميت ننڍن وڏن شهرن ۾ بازارن ۽ گهرن کي لائيٽن سان روشن ڪيو ويو آهي.  ننڍن وڏن شهرن ۾ ميلاد جا جلوس ڪڍيا پيا وڃن. مختلف شهرن ۾ درود ۽ سلام جون محفلون به شروع ڪيون ويون آهن. رسول صه جي عاشق پنهنجي آقا جي ڄمڻ جي ڏينهن جي خوشي ۾ مٺايون ۽ نياز ورهائي رهيا آهن. راولپنڊي، لاهور، ڪراچي، حيدرآباد، اٽڪ، چڪوال، گوجرانوالا، خانيوال، نوابشاهه پاڪپتن، قصور، ريناله خورد، سجاول، شاهه پور ۽ حيدرآباد، ٽنڊو آدم سميت ننڍن وڏن شهرن ۾ عيد ميلادالنبي صه جي موقعي تي روشنيون ڪيون ويون ۽ گهٽين بازارن کي رنگين بتين سان سجايو ويو.