عورتن کي ڪارنهن جي تهمت هڻي قتل ڪرڻ ۽ ننڍي عمر ۾ نياڻين جون شاديون ڪرائڻ وارن واقعن خلاف ڀرپور آواز اٿاريو ويندو: صنم چانڊيو

ڪنڌڪوٽ :- عورت تحفظ مومينٽ جي چيئرپرسن صنم چانڊيو چيو آهي ته جيڪب آباد ۽ ڪشمور ضلعن ۾ عورتن کي بي گناھ ڪارنهن جي تهمت جو الزام هڻي انهن کي قتل ڪرڻ افسوس ناڪ ۽ مذمت جوڳو عمل آهي.اهڙي عمل جي جيتري مذمت ڪجي گھٽ آهي، سنڌ بل خصوص ڪشمور ۽ جيڪب آباد ضلعن ۾ پئسن عيوض ننڍي عمر ۾ معصوم نياڻين جون وڏين عمرن جي مردن سان شاديون ڪرائڻ ۽ جرڳن ۾ نياڻين کي سنڱ چٽي طور ڏيڻ وڏو غلط عمل آهي، معصوم نياڻين سان ٿيندڙ اهڙي واقعن ظلمن خلاف ڀرپور آواز اٿاريو ويندو.اهڙن واقعن کي روڪڻ لاءِ ضلعي انتظاميا کي جوڳا اپاءَ وٺڻ گهرجن ۽ جيڪي به ماڻهو. اهڙن واقعن ۾ ملوث هجن انهن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي وئي.عورت تحفظ مومينٽ پاران عورتن جي تحفظ لاءِ ۽ انهن کي بنيادي حق ڏيارڻ لاءِ هر وقت جاکوڙ ڪئي آهي ۽ جاکوڙ جاري رهندي، تمام جلد انهن ضلعن ۾ عورت تحفظ مومينٽ پاران شعوري پروگرام به ڪرايا ويندا.