عورتن جي ننڍن ڪپڙن پائڻ جي ڪري تعليمي ادارن مان ڪورونا پکڙجڻ واري ڳالهه مذاق آهي: شيرين مزاري

اسلام آباد : انساني حقن واري وفاقي وزير شيرين مزاري چيو آهي ته اسان اسلامي جمهوريا پاڪستان جي آئين ۾ ڏنل حقن لاءِ وڏي جهدوجهد ڪئي آهي، شارٽ سليوز کي ڪورونا جو ڪارڻ قرار ڏيڻ کل جوڳو عمل آهي پنهنجي جاري ڪيل ٽوئيٽ ۾ شيرين مزاري چيو ته اسان اسلامي جمهوريا پاڪستان جي آئين ۾ ڏنل حقن لاءِ وڏي جهدوجهد ڪئي آهي. هن چيو ته، شارٽ سليوز کي ڪورونا جو ڪارڻ قرار ڏيڻ کل جوڳو عمل آهي. شيرين مزاري چيو ته عورتن جي ننڍن ڪپڙن پائڻ جي ڪري تعليمي ادارن مان ڪورونا پکرجڻ واري ڳالهه به مذاق آهي، اهي ڳالهيون عورت کان نفرت ڪندڙ ذهنيت جي عڪاسي ڪن ٿيون. ٻئي طرف وفاقي وزير فواد چوڌري شيرين مزاري جي ٽوئيٽ شيئر ڪيو.