عورتن جي عالمي ڏينهن تي ٽنڊو الهيار ۾ معصوم نياڻي کي حوس جو شڪار، جوابدار گرفتار

ٽنڊو الهيار: ٽنڊو الهيار ۾ عورتن جي عالمي ڏينهن تي معصوم نياڻي کي حوس جو نشانو بڻايو ويو، جوابدار گرفتار. نواب ڪالوني ۾ 9 ورهين جي نينگري سڪينا کي مبينا طور کنڀي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو، سندس رڙين تي پاڙيوارن جوابدار جي گهر پهچي کيس سوگهو ڪيو. اطلاع تي پوليس پهتي ته کيس اهلڪارن حوالي ڪيو ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار رشيد احمد نينگري کي زوري پنهنجي گهر وٺي ويو، جتي هن ساڻس زيادتي ڪئي، پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار گهر اندر کڏ به کوٽي آهي، جاچ ڪيون پيا ته هن کڏ ڪهڙي نيت سان کوٽي، نينگري کي چيڪ اپ لاءِ حيدرآباد نيو ويو.