عورتن جو قتلام ڪڏهن ختم ٿيندو؟ : رفيعا ملاح

سنڌ اها صوفين جي سرزمين رهي آهي، جتي ماضي ۾ ماڻهو ڪنهن جيت کي به نه ماريندا هئا، ڇاڪاڻ جو اهي سمجهندا هئا ته انهي جيت ۾ساهه خدا جو وڌل آهي ۽ انهي کي مارڻ سان خدا ناراض ٿي ويندو، وڻ نه وڍيندا هئا، ڇاڪاڻ جو اهي وڻ ۾ به خدا ڏسندا هئا، گهرن ۾ عورتون پاڻي جا ٿانو ڀري اڱڻ ۾ انهي ڪري رکنديون هيون ته پکي اهي پاڻي پيئندا ۽ خدا جي خلقيل انهن پکين جو اسان تي اهو حق آهي ته اسين انهن لاءِ پا ڻي ڀري رکون. ايئن ئي پکين کي داڻا ڏنا ويندا هئا، گهر ۾ رات جي بچيل ماني يا صبح جو پچندڙ ماني مان ڪتي لاءِ ماني رکي ويندي هئي، انسانن کي ته سڀني کان افضل سمجهيو ويندو هو، بنا ڪنهن فرق جي پاڙي جي هر ننڍي وڏي کي سندن نالو وٺي سڏ ڪرڻ بدران سندن لاءِ حترام جا رشتا جوڙيل هئا، جيئن ڪنهن وڏي عمر جي عورت کي ناني يا ڏاڏي چئبو هو، مرد کي ڏاڏو يا نانو چئبو هو، ايئن ئي امان يا بابا جي هم عمرن کي چاچو، مامو، ماسي يا چاچي چئبو هو، ساڳي ريت اهي وڏڙا به پنهنجي اولاد جيان ئي ڀائيندا هئا، پاڙي جو ڪو به ڇوڪرو يا ڇوڪري هڪٻئي کي تاڙيندو نه هو، ڪو اتفاق سان اهڙو واقعو ٿي به ويندو هو ته پاڙي جا سڀئي ماڻهو انهي مرد جو سماجي بائيڪاٽ ڪندا هئا ۽ ڇوڪري جي مائٽن کان نه رڳو معافيون تلافيون ڪندا هئا پر انهي کي پنهنجي عزت جو مسئلو سمجهي پاڙي ۾ ٺاهه جي ڪوشش ڪندا هئا. انهن مان رت جي رشتن کان وڌيڪ محبت ۽ مٺاس ملندي هئي، اهي جيڪڏهن ڪنهن ڳالهه تي دڙڪو ڏيندا هئا ته گهر جا ڀاتي انهي کي اصلاح سمجهنداهئا ته اسان جي اولاد جي ڀلي لاءِ ڪنهن وڏي کيس دڙڪو ڏنو آهي. سهپ جا اعليٰ معيار ۽ پنهنجائپ جا اعليٰ قدر هئا، جيڪي هاڻي ختم ٿي رهيا آهن، نتيجي ۾ اسين سڀ هڪٻئي کان پري ٿي رهيا آهيون. اڄ اهي سڀئي سماجي قدر اسان جي سماج مان هاڻي موڪلائي رهيا آهن، هاڻي انا پرستي ۽ خود غرضي جي عالم ۾ اسين اڪيلائپ ۽ ويڳاڻپ جو شڪار ٿي رهيا آهيون، ڇوڪريون پنهنجي رت جي رشتن هٿان به محفوظ ناهن. ميڊيا ذريعي ملندڙ خبرن سان هانءُ ڏري ٿو پئي ته ڪٿي ڪنهن پيءُ پنهنجي نياڻي سان لڄالٽ ڪئي، ڪٿي ڪنهن ڀاءُ ڀيڻ سان زنا ڪئي، ڏير ڀاڄائي سان يا سهري ننهن سان زنا ڪئي، اهڙي ريت چاچن مامن ۽ سئوٽن ماساتن هٿان ڪيتريون ئي ڇوڪريون زيادتي جو نشانو بڻجن ٿيون، جيڪي ڪيس رپورٽ ئي نٿا ٿين ۽ اڪثر ڪري متاثر ڇوڪريون ئي خاموشي اختيار ڪري وٺنديون آهن. اهڙي عالم ۾ ڪنهن عام لوفر هٿان نياڻين يا ننڍي عمر جي ڇوڪرن سان زيادتي جي واقعن جو رپورٽ ٿيڻ ڪا حيرت جي ڳالهه ئي ناهي، جنسي زيادتي سميت هر قسم تشدد جي واقعن کي لڪائڻ ۽دٻائڻ سان اهي واقعا گهٽجڻ بدران وڌندا رهن ٿا، جيتوڻيڪ انهي جا ڪيترائي سبب آهن، پر واقعن کي لڪائڻ بدران ظاهر ڪرڻ سان نه رڳو اهي روڪي سگهجن ٿا پر مستقبل ۾ اهڙن واقعن جي روڪٿام لاءِ به حڪمت عملي جوڙڻ ۾ آساني ٿيندي. ڇاڪاڻ جو انهي تشدد سبب سڀ کان وڌيڪ عورت ڀوڳي ٿي، اسان وٽ ڇوڪرين کي ننڍي هوندي کان ئي هڪڙين طئه ڪيل سماجي حدن ۾ ئي رهڻ جي تلقين ڪئي ويندي آهي ۽ پوءِ اها ڇوڪري جڏهن وڏي ٿيندي آهي ته انهي خوف ۽ تشدد يا تذليل کي برداشت ڪندي ڪندي يا ته ذهني طور مفلوج ٿي ويندي آهي يا خودڪشي ڪري ڇڏيندي آهي يا وري مارجي ويندي آهي، اهڙو ئي هڪ ڀيانڪ واقعو حيدرآباد ۾ پيش آيو آهي. حيدرآباد جي بئراج ڪالوني واري علائقي ۾هڪ وحشي مڙس پنهنجي نوجوان ۽ خوبصورت زال کي قتل ڪري ڇڏيو آهي، مڙس هٿان زال جي قتل جي نه ته اها ڪا پهرين واردات آهي ۽ نه ئي وري ڪا آخري آهي، ڇاڪاڻ جو اسان جي سماجي نظام ۾ ان قسم جا قتل هاڻي عام ٿي ويا آهن، جن کي روڪڻ لاءِ رياستي ڪردار ڪٿي نظر نٿو اچي ۽ نه ئي وري عدالتن مان ايڏو ڪو تڪڙو انصاف ملي ٿو جو ماڻهن کي اهڙي عمل ڪرڻ کان اڳ سوچڻو پوي. انهي ڪري عورتن جو قتل اڪثر ڪري جوابدارن کي ڦٻي ويندو آهي پر مردن جي قتل تي خونريزيون به ٿينديون آهن، پلاند ٿيندا آهن ۽ پوءِ اهي قبائلي جهيڙن جو رخ اختيار ڪري وٺندا آهن، جيڪو نه ٿيڻ گهرجي پر وري به هي مرداڻو معاشرو آهي ته مردن جي قتل تي سندن سمورا عزيز پلاند خاطر ميدان ۾ لهي پوندا، پر عورت جي قتل تي ڪو مرد ماڻهو شاهدي ڏيڻ لاءِ به راضي ناهي ٿيندو، جنهن جا ڪيترائي مثال موجود آهن، اهو ئي سبب آهي جو عورت جي قتل ۾ ملوث مڙس هجي ڀاءُ هجي يا پيءَ هجي اهو سزا بدران آزاد ٿي ويندو آهي. سو ڳالهه پئي ڪيم حيدرآباد واري واقعي جي ته حيدرآباد ۾ هڪ ڪارن جو ڪاروبار ڪندڙ شخص عمر ميمڻ پنهنجي ئي زال کي قتل ڪري هن وقت پوليس تحويل ۾ آهي، هن جوابدار پنهنجي زال تي اهو پهريون ڀيرو تشدد نه ڪيو هو، سوشل ميڊيا تي هن مقتول ڇوڪري جا جيڪي اسڪرين شاٽس وائرل ٿيا آهن، انهي ۾ هن خود پنهنجي ڪنهن عزيز عورت کي لکيو هو ته هن شخص سندس جيئڻ حرام ڪري ڇڏيو آهي، اهڙا لفظ لکندڙ عورت ڪهڙي عتاب ۾ هئي، انهي کان هن جا والدين چڱي ريت با خبر هئا، عيني نالي هن ناري کي ٻن ڌيئرن ۽ٻن پٽن جو اولاد آهي، هن جي ڀاءُ جيڪو ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرايو آهي انهي ۾ هن ڄاڻايو آهي ته سندس ڀيڻ جي شادي جي هڪ سال کانپوءِ ئي مٿس تشدد جو سلسلو شروع ٿيو. ايم بي اي پاس هڪ ڇوڪري تي ايترو عرصو تشدد ٿيندو رهيو، جنهن جي ڪيترائي ڀيرا ٿاڻي تي رپورٽ داخل ٿي چڪي آهي ته پوءِ آخر انهي ڇوڪري کي ڪهڙي مجبوري تحت انهي مڙس سان ايترو عرصو گڏ گذارڻو پيو ۽ وري انهي دوران هن کي اولاد به ٿيندو رهيو، وقتن به وقتن مڙس تشدد ڪندو رهندو هو، هن وحشي شخص جون جيڪي سوشل ميڊيا تي وڊيو وائرل ٿيون آهن ته انهن مان هو هڪ مڪمل عياش پرست ۽ نفسياتي لڳي رهيو آهي، پوءِ والدين پنهنجي ڌيءَ کي ڇو نه پيا محفوظ بڻائين ۽ اهڙي مڙس تي ڪيئن ڀروسو ڪري وٽس ڇڏي ڏنائون، اهو هڪ اهم سوال آهي. اسان وٽ ڇوڪرين لاءِ ڪو به گهر پنهنجو گهر ناهي سمجهيو ويندو، ننڍي هوندي مائٽن جي گهر ۽ شادي کانپوءِ ساهرن جي گهر هوندي آهي، مطلب ته هن کي جڏهن پنهنجو ڪو گهر ئي ناهي ته ڇوڪري ڪيڏانهن وڃي. انهي احساس ڪمتري جي ڪري اسانجون نياڻيون تشدد ۽ تذليل کي برداشت ڪندي آخر موت جي منهن ۾ وڃن ٿيون، انهي ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي جو والدين پنهنجي وسيلن مان ڌيئرن ۽ پٽن کي برابري جي بنيادن تي حصو ڏين، خاص ڪري ڇوڪرين کي پنهنجي رهڻ لاءِ والدين طرفان گهر تمام ضروري آهي، جتان کيس ڪو به ڌڪا ڏئي ڪڍي نه سگهي. مٿس تشدد ڪرڻ واري کي اهو احساس هجي ته هو جنهن جي گهر ۾ رهي ٿو انهي سان جهيڙو ڪندو ته کيس گهر مان ڪڍي ڇڏيندي. پنهنجي نياڻين کي پيرن تي بيهاريو، مڙسن جي رحم ۽ ڪرم تي نه ڇڏيو وڃي ۽ خاص طور جڏهن هڪ ياٻه ڀيرا جهيڙو ٿئي ٿو ته هن مڙس کي ڇڏي ڏيڻ ۾ ئي بهتري آهي، پر اسان وٽ طلاق طعنو سمجهيو وڃي ٿو، طلاق جو طعنو موت جي منهن کان بهترآهي، اولاد ۾ ڌيئرن کي خوف واري زندگي جي تربيت بدران پنهنجي پيرن تي بيهڻ جي تربيت ڏيو ته هن قتلام جو خاتمو اچي سگهي، رڳو ماني ڳڀي لاءِ سڄي حياتي تشدد برداشت ڪندڙ عورتن جا مائٽ پنهنجي نياڻين جي پاڻ مالڪي ڪن ته خونريزي جو خاتمو ممڪن ٿي سگهي ٿو.