عورتن جو عالمي ڏهاڙو: 8 مارچ تي روهڙي کان سکر تائين آزادي مارچ جو اعلان

سکر :- عورتن جي حقن لاء  ڪم ڪندڙ تنظيمن جي گڏيل گڏجاڻي مهراڻ ڪلچرل ڪامپليڪس ۾ ٿي. گڏجاڻي ۾ 40 کان وڌيڪ تنظيمن جي اڳواڻن سميت 70 ساڃاھ وندن شرڪت ڪئي. گڏجاڻي بعد  امر سنڌو، عرفانه ملاح ڪامريڊ عاليا بخشل ڊاڪٽر عائشه حسن ڌاريجو  ۽ ۽ ٻين  رضوانه ميمڻ،  ناهيد اختر، عطيه اسماعيل، صنم منگي زاهده ڪنول بلوچ. افشان اصغر سنڌ جي ناليوارن اديبن ڊاڪٽر ادل سومرو، اياز گل، ايڊووڪيٽ هادي  ڀٽ جي موجودگيءَ ۾ سکر پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته لاهور، اسلام آباد، ڪراچي، حيدرآباد ۾ ته عورتن جي عالمي ڏهاڙن جي حوالي سان مارچ ٿيندا آهن پر هن ڀيري عورتن جي عالمي ڏهاڙي تي “آزادي مارچ” سکر ۾ ٿيندو، جيڪو سنڌ ۽ پاڪستان جي تاريخ جو سڀ کان وڏو مارچ ثابت ٿيندو.  امر سنڌو ۽ پروفيسر ڊاڪٽر عرفانه ملاح چيو ته  سنڌ جي 7 ضلعن ۾ ڪارو ڪاري جهڙي ڪڌي رسم توڙي مختلف مدي خارج ريتن رسمن تحت عورت کي تشدد جو نشانو بڻائي بيدرديءَ سان قتل ڪيو ويندو آهي، اڪثر  ظلم جو شڪار ٿيل نياڻين جون لاشون سنڌوءَ ۾ اُڇلايون وينديون آهن، تنهن ڪري اسان هن ڀيري آزادي مارچ سکر ۾ ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي،  روهڙي جي ٻيڙي چوڪ کان عورت آزادي مارچ جي ريلي نڪرندي جيڪا سکر پريس ڪلب پهچندي، جِتي ڪراچي، حيدرآباد، لاڙڪاڻو، سکر، خيرپور، جيڪب آباد، ڪشمور، ڪنڌڪوٽ،  نوابشاهه، بدين، دادو  سميت پوري سنڌ کان مظلوم ۽ ظلم جو شڪار عورتون پاڻ سان ٿيل ناانصافين جو احوال  بيان ڪنديون.