عوامي جمهوري پارٽي جي چونڊن واري تقريب ۾ مختلف قراردادون پاس :پرويز مشرف کي آئين ٽوڙڻ ۽ غداري جي ڏوهه ۾ موت جي سزا ڏيڻ عدالت جو شاندار فيصلو

حيدرآباد: عوامي جمهوري پارٽي جي چونڊن واري تقريب ۾ مختلف قراردادون پاس ڪندي چيو ويو ته اڳوڻي آمر جنرل پرويز مشرف کي آئين ٽوڙڻ ۽ غداري جي ڏوهه ۾ موت جي سزا ڏيڻ عدالت جو شاندار فيصلو آهي، اميد آهي ته عدالت پنهنجي روايت برقرار رکندي اڳوڻن آمرن جنرل ايوب خان، جنرل يحييٰ خان ۽ جنرل ضياءَ الحق کي به آئين ٽوڙڻ ملڪ ۾ مارشل لا لڳائي جمهوريتن تي راتاها هڻڻ، جمهوري ادارن کي غير فعال بڻائڻ، سياسي عمل ۾ رڪاوٽون وجهڻ، چادر ۽ چوديواري جو تقدس پائمال ڪرڻ دهشت وارو ماحول پيدا ڪرڻ تي مٿن ڪيس داخل ڪري سزائون ڏنيون وڃن. ملڪ جي تعيلمي ادارن ۾ ٿيندڙ دهشتگردي ڪاررواين جي روڪٿام لاءِ قدم کنيا وڃن، سنڌ جي يونيورسٽين جي بجيٽ ۾ ڪٽوتي جو نوٽيس وٺي انهن جي مالي سهائتا ڪري تعليمي ادارن کي معاشي بحرانن مان ڪڍيو وڃي، ملڪ سميت سنڌ اندر پرائمري کان يونيورسٽي سطح تائين تدريسي ۽ انتظامي شعبن کي الڳ ڪيو وڃي، سنڌ ۾ صحت جون بهتر سهولتون ڏيڻ سميت پيئڻ جو صاف پاڻي فراهم ڪري ، زراعت کي هٿي وٺرائي، نقلي ٻج وڪرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪري آبادگارن کي پنجاب جيان انشورنس ڪرائي وڃي، سنڌ جي زراعت سان لاڳاپيل هارين ۽ ننڍن آبادگارن کي پيرن تي بيهارڻ لاءِ بنا وياج ۽ آسان قسطن تي قرض ڏنا وڃن، مهانگائي جو خاتمو ڪري عوام رليف فراهم ڪيو وڃي، هندو ۽ ٻين مذهبي اقليتن جي جبري مذهب تبديلي کي روڪڻ لاءِ جوڳا اپاءَ ورتا وڃن، سڄي سنڌ ۾ بدامني کي روڪڻ لاءِ خاص ڪري نياڻين جي اغوا واقعن کي روڪڻ لاءِ قدم کنيا وڃن.