عوامي جمهوري پارٽي جي باني ابرار قاضي سميت 5 بنيادي ميمبرن جي رڪنيت ختم

حيدرآباد :- عوامي جمهوري پارٽي جي باني ابرار قاضي سميت 5 بنيادي ميمبرن جي رڪنيت ختم ڪئي وئي. اسٽينڊنگ ڪميٽي جي هنگامي اجلاس جي صدارت وشنو مل ڪئي، جنهن دوران ڪجهه بنيادي ميمبرن پاران پارٽي ڪنوينشن کي نه مڃڻ ۽ ڌار فورم ٺاهڻ وارو اعلان ڪرڻ بعد انهن جي بنيادي رڪنيت ختم ڪئي وئي، جن ۾ ابرار قاضي، رشيد سڌايو، امان الله شيخ، زاهده ڏاهري ۽ قاسم شيخ شامل آهن. ان کان اڳ پارٽي ڪنوينشن خلاف ميڊيا ۾ خبرون ڇپرائڻ تان ڄاڻايل اڳواڻن کي ٽن مهينن لاءِ معطل ڪيو هو. واضح رهي ته ابرار قاضي عوام جمهوري پارٽي جو باني آهي.