عهدي تي بحال ڪريو.! رائو انوار گهرو سيڪريٽري وٽ پهچي ويو

ڪراچي :- اڳوڻي ايس ايس پي رائو انوار پوليس ۾ واپسي لاءِ ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون آهن. اڳوڻي ايس ايس پي رائو انوار ڪاغذن سميت گهرو سيڪريٽري عثمان چاچڙ وٽ پهچي ويو. ذريعن جو موجب اڳوڻي ايس ايس پي رائو انوار گهرو کاتي ۾ پوليس ۾ واپسي لاءِ درخواست جمع ڪرائي ڇڏي آهي. رائو انوار جو چوڻ آهي ته غيرقانوني طور هٽايو ويو آهي، جڏهن ته پوليس کاتي بهتري لاءِ ڪم ڪيو آهي، واپس ڪيو وڃي. گهرو کاتي موجب رائو انوار پوليس ۾ واپسي لاءِ نه پر سڪيورٽي لاءِ درخواست ڏني آهي.