عمر جهڙي اينگرو ۽ مارئيءَ جهڙا مارون. اعجاز منگي

اڄ اينگرو ٿر جي ماروئڙن کي
اهڙي آڇ پئي ڪري، جهڙي آڇ
ڪالهه عمر ٿر جي مارئيءَ کي ڪئي هئي
ٿر جي روح ڪالهه به انڪار ڪيو هو
ٿر جو روح اڄ به انڪار ٿو ڪري!
اها دولت جي دهشت
ڪالهه به ناڪام ٿي وئي هئي
اها دولت جي دهشت
اڄ به ناڪام ٿي ويندي
وقت واريءَ تي هلندڙ هوا وانگر
هڪ مستقل تاريخ تحرير ٿو ڪري
اها تاريخ اينگرو جا اهي بابو لوڪ
پڙهي نه ٿا سگهن
جيڪي جهازن مان لهي پراڊو ۾ ٿا ويهن
جيڪي ريبن جي امپورٽيڊ چشمي مان
ٺهندڙ ڊهندڙ ڀٽون ٿا ڏسن
جيڪي سمجهن ٿا ته سرمائي
۽ سرڪار جي سهڪار سان
هو سڀ ڪجهه ڪري سگهن ٿا
اي تتر کرڙا اڀ!
انهن کي ٻڌاءِ
هو ڪجهه به ڪري نه ٿا سگهن
هو جيڪي مفادن جي ٻولي ٿا ٻولين
اهي نه ٿا سمجهي سگهن
ريگستان جي رڻ جهڻ
انهن کي ڪا خبر ڪونهي
انهن کي ڪا خبر ڪونهي
ته مور نگرپارڪر ۾ ڇا پڪاريندو آهي؟
انهن کي پتو ڪونهي
ته ٿوهر پنهنجي سڪل ٻانهن
آڪاش طرف اڀي ڪري
ڪهڙو نعرو هڻندو آهي؟
هو جيڪي چند مسڪين مائين کي
ڊمپر جو مذدور ڊرائيور بڻائي
دنيا جي اکين ۾ ڌوڙ ٿا وجهن
انهن کي معلوم هجڻ گهرجي
ٿريچاڻيون پنهنجي مٿي جي پوتي
پئسن تي نه وڪڻنديون
نه وڪڻديون
نه وڪڻديون
نه وڪڻديون !