عمرڪوٽ ۾ سنڌ سڀا پاران کنڀي گم ڪيل ماڻهن جي آزادي ڪئمپ ۾ جيئي سنڌ تحريڪ جو اڳواڻ سوره سنڌي پهتو

امرڪوٽ: کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن مسعود شاھ عاقب چانڊيو سهيل ڀٽي فقير اعجاز ڳاھو موهن ميگھواڙ محفوظ نوتڪاڻي مهراڻ ميراڻي بشير شر غلام رسول شر سميت 100 کان وڌيڪ قومي ڪارڪنن جي آزادي لاءِ سنڌ سڀا طرفان پريس ڪلب امر ڪوٽ اڳيان سنڌ سڀا جي سرواڻ انعام سنڌي شاهنواز سهرياڻي جي اڳواڻي م منجهند 12 وڳي کان رات 8 وڳي تائين احتجاجي ڪيمپ قائم ڪئي وئي ڪيمپ تي جيئي سنڌ تحريڪ جي ڪارڪنن مرڪزي جنرل سيڪريٽري سوره سنڌي وفا ڪاشف ڀٽو جي اڳواڻي ۾ شرڪت ڪئي ڪيمپ تي سنڌ جي قومي ۽ مزاحمتي شاعر جمن دربدر کنڀي گم ڪيل موهن ميگھواڙ جي والد جلال ميگھواڙ جسقم ضلعي امر ڪوٽ جي صدر رمضان خاصخيلي سميت وڏي انگ ۾ ڪارڪنن شرڪت ڪئي احتجاجي ڪيمپ تي صحافين ڳالهائيندي سنڌ سڀا جي سرواڻ انعام سنڌي جيئي سنڌ تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري سوره سنڌي ٻين چيو ته سڄي سنڌ ۾ 100 کان وڌيڪ قومي ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪيو ويو آهي جن جو ڏوھ اهو آهي ته اهي پنهنجي ڌرتي سان محبت ڪن ٿا هڻڻ چيو ته قانون مطابق ڪنهن تي به ڪا چارج شيٽ يا ڪو ڪيس آهي ته کيس 24 ڪلاڪن ۾ مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو پر هتي ته ماڻهن کي سالن کان حبس بيجا ۾ رکيو ويو آهي جيڪا رياستي دهشتگردي آهي هنن چيو ته رياست پنهنجن ماڻهن جي تحفظ جي ذميوار هوندي آهي ۽ ما۽ جو ڪردار ادا ڪندي آهي پر هتي رياست ڏانئڻ جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي جيڪا پنهنجا ٻچا کائي رهي آهي هنن چيو ته کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن جي آزادي تائين جدوجهد جاري رهندي هنن اعلان ڪيو ته سڀاڻي ميرپورخاص ۾ احتجاجي ڪيمپ قائم ڪئي ويندي