عمرڪوٽ ويجهو معصوم نينگري کي وڏي عمر جَي شخص سان پرڻائڻ جو انڪشاف

عمرڪوٽ := عمرڪوٽ ويجهو معصوم نينگري کي مبينا طور وڪرو ڪرڻ بعد وڏي عمر جَي شخص سان پرڻائڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. پوليس ڇاپو هڻي 12 سالن جِي نينگري سونيا سولنگي کي هٿ ڪري ورتو. ڇاپي دوران  40 سالن جو گهوٽ اميد علي بجير کي به  گرفتار ڪيو ويو. گهوٽ جو موقف آهي ته هُن 2 لک رپيا ڏئي سنگ ورتو هو، ڇوڪري جي عمر 18 سال ٻڌائي وئي هئي، سندس اصل عمر بابت ڄاڻ نه آهي، نينگري جو چوڻ آهي ته هُن پنهنجي رضا خوشيءَ سان شادي پئي ڪئِي، پوليس کنڀي آئي آهي