عمرڪوٽ ضلعي ۾ رهواسي پاڻي پيئڻ لاءِ پريشان، 102 واٽر سپلاءِ اسيڪمن مان 38 کان وڌيڪ اسڪيمون ناڪارا بڻيل

عمرڪوٽ :- عمرڪوٽ ضلعي لاءِ پاڻي جو مٺو پيئڻ خواب بڻيل آھي، ضلعي جي 102 واٽر سپلاءِ اسيڪمن مان 38 کان وڌيڪ اسڪيمون ناڪارا ٿي ويون، جڏهن ته چار اسيڪمون مڪمل طور تباھ ٿي ويون، صفائي جا ناقص انتظام هئڻ سبب 56 اسڪيمن ذريعي مهيا ٿيندڙ پاڻي پيئڻ جهڙو نه رھيو آهي، سنڌ سرڪار پاران عمرڪوٽ ضلعي ۾ 3 ارب رپين جي لاڳت سان لڳايل 55 آر او پلانٽ ۽ 3 الٽرا فلٽريشن اسڪيمن ۾ 40 کان وڌيڪ آر او پلانٽ ناڪارا بڻيل آهن، پبلڪ ھيلٿ کاتي جي عملدارن سپريم ڪورٽ ۽ واٽر ڪميشن جا حڪم ٿڏي ڇڏيا، جنھن سبب ضلعي جي چئني تعلقن عمرڪوٽ ۾ 29، سامارو ۾ 7 ، ڪنري ۾ 17 ۽ پٿوري تعلقي ۾ لڳايل 4 آر او پلانٽ عوام کي لاڀ نه ڏئي سگھيا، جر جو کارو ھجڻ ڪري رھواسي پيٽ، خارش، ڪاري سائي سميت ٻين بيمارين ۾ مبتلا ٿيو وڃن ٿا، آر او پلانٽ جي سار سنڀال جو ڪم پبلڪ ھيلٿ کاتي کي ڏنل آهي، جن ڊيلي ويجز ملازم ڀرتي ڪرڻ واري حڪم تي عمل نه ڪيو آھي، ڳوٺ وهرو شريف، نبي سر ٿر، ساڍر، اوڪراڙو پنھور، ڳوٺ حاجي فتح محمد راڄڙ، ڳوٺ ڍالو جو تڙ، انڙ آباد، پٿورو سميت ٻين ڳوٺن جا آر پلانٽ بند پيل آھن، جڏھن ته ڳوٺ فضل، خان محمد منڱريو، ڳوٺ نبي سر ٿر، ولي محمد منڱريو، ساڍر، کيت سنگھه، سڻوھي، حويلي جون واٽر سپلاءِ اسڪمن جو ڪم بار بار پئسا روائيز ٿيڻ باوجود مڪمل نه ٿيو سگھيو آھي،جنهن ڪري ڳوٺاڻا پاڻي ڦڙي لاءِ پريشان آھن.ڳوٺ انڙ آباد، صاڀو، گنبو ڌڙو، ڊٻ،ساڍر ۾ کارو پاڻي ھجڻ ڪري ڳوٺاڻا ڪيئي ڪلو ميٽر پنڌ ڪري مٺو پاڻي ڀرڻ تي مجبور آھن.