عمران فاروق قتل ڪيس: جوابدار معظم علي، خالد شميم ۽ محسن علي کي عمر قيد جي سزا

اسلام آباد :- دهشتگردي جي انت واري عدالت متحده قومي موومينٽ(ايم ڪيو ايم) جي اڳواڻ ڊاڪٽر عمران فاروق قتل ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي 3 جوابدارن کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي ۽ 4 جا گرفتاري وارا وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا. دهشتگردي جي انت واري عدالت جي جج شاهه رخ ارجمند ڊاڪٽر عمران فاروق قتل ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي ايم ڪيو ايم سان تعلق رکندڙ ٽنهي جوابدارن خالد شميم، محسن علي ۽ معظم علي کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي. جڏهن ته اشتهاري جوابدا  الطاف حسين، افتخار حسين، محمد انور ۽ ڪاشف ڪامران جا دائمي گرفتاري وارا وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن.  رپورٽ موجب عمران فاروق قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدارن تي ڏوهه ثابت ٿيڻ تي معظم علي، خالد شميم ۽ محسن علي کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي. عدالت قتل جي سازش، مدد ۽ سهولتڪاري واري ڪيس جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو. عدالت ٽنهي جوابدارن کي عمران فاروق جي وارثن کي 10-10 لک روپيه معاوضو ادا ڪرڻ جو به حڪم ڏنو. ايف آءِ اي دهشتگردي جي قلمن تحت عمران فاروق قتل وارو ڪيس داخل ڪيو هو. ڊاڪٽر عمران فاروق کي 16 سيپٽمبر 2010 تي برطانيه ۾ قتل ڪيو ويو هو جنهن کان پوءِ ايف آءِ اي 5 ڊسمبر 2015 تي پاڪستان ۾ ان قتل جو ڪيس داخل ڪيو جنهن ۾ ٽن جوابدارن خالد شميم، محسن علي ۽ معظم علي کي گرفتار ڪيو ويو جنهن تي قتل سميت قتل جي سازش تيار ڪرڻ، قتل ۾ مدد ۽ سهولتڪاري جا الزام لاڳو ڪيا ويا. پاڪستاني حڪومت طرفان برطانيه ۾ ٽرائل دوران ڏوهه ثابت ٿيڻ جي باوجود جوابدارن کي موت جي سزا نه ڏيڻ جي يقين دهاني ڪرائي وئي هئي.