عمران خان کي ٻڌايو ته اسان بيرڪن ۾ رهڻ جا عادي آهيون: آصف زرداري

اسلام آباد :- اڳوڻي صدر آصف علي زرداري وزيراعظم جي جيل ۾ سهولتون واپس وٺڻ جي اعلان تي چيو آهي ته عمران خان کي ٻڌائي ڇڏيو ته اسان بيرڪن ۾ رهڻ جا عادي آهيون. جعلي اڪائونٽس ڪيس جي ٻڌڻي جي سلسلي ۾ احتساب عدالت ۾ پيشي تي آصف زرداري صحافين سان غير رسمي ڳالهيون ڪيون. صحافي سوال ڪيو ته عمران خان چوي ٿو ته آمريڪا مان واپسي تي توهان کان اي سي ۽ ٽي وي وغيره جون سهولتون واپس وٺنداسين ان تي آصف علي زرداري چيو ته سهولتون ڪهڙيون آهن جيڪي واپس وٺندا، کيس ٻڌايو ته اسان پهريون ئي بيرڪن ۾ رهڻ جا عادي آهيون. هڪ صحافي سوال ڪيو ته پهريون سينيٽ چيئرمين ٺاهيو هاڻي کيس لاهڻ پيا وڃون، اڳوڻي صدر چيو ته نه مان ٺاهيو ۽ نه وري مان لاهڻ وڃي رهيو آهيان. صحافي جي سوال تي ته سينيٽ چيئرمين جي جاءِ تي ڊپٽي سينيٽ چيئرمين کي هٽائڻ جي ڳالهه ڪئي پئي وڃي تي اڳوڻي صدر چيو ته سندن پنهنجي مرضي  آهي. ٻئي طرف عدالت ۾ ٻڌڻي دوران آصف زرداري روسٽرم تي آيو ۽ وزيراعظم جي خاص مددگار شهزاد اڪبر جي بيان جي اخباري ڪاپي پيش ڪئي. آصف زرداري چيو ته شهزاد اڪبر چوي ٿو ته منهنجون 32 ملڪيتون آهن، عدالت کيس طلب ڪري پڇاڻو ڪري.