عمران خان نيازي جي حڪومت ڪيس داخل ڪرڻ جوعالمي رڪارڊ جوڙي رهي آهي,گرفتاريون ڪيون ويون ته اُن جا نتيجا بُرا نڪرندا

لاهور :- نواز ليگ اڳواڻ راڻا ثناالله چيو آهي ته عمران خان نيازي جي حڪومت ڪيس داخل ڪرڻ جوعالمي رڪارڊ جوڙي رهي آهي، جيڪڏهن 13 ڊسمبر کان اڳ گرفتاريون ڪيون ويون ته اُن جا نتيجا بُرا نڪرندا. فيصل آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي نواز ليگ اڳواڻ راڻا ثناالله چيو ته 30 نومبر تي ڊي سي جيڪو ڪم ڪيو اهو سول آفيسر کي سونهين نٿو، هُن ڪيس داخل ڪري ڪارڪن کي 30 ڏينهن لاءِ نظر بند ڪيو.  ڊي سي سان مخاطب ٿيندي راڻا ثناالله چيو ته اوهان هڪ سول آفيسر طور پنهنجو ڪم ڪيو، حڪومت جي وفاداري ۾ اوهان کي ايترو اڳتي نه وڌڻ گهرجي اوها ن ظلم ڪيو ۽ ڌڙا ڌڙ ڪيس داخل ڪريو. پنجاب جي اڳوڻي قانون واري وزير چيو ته هڪ پاسي پنڊِي جو شيطان چئي ٿو ته انهن جي جلسن ۾ عوام نٿو اچي، ٻئي پاسي شبلي فراڊ فرمائي ٿو ته عوام بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو آهي ۽ ٽئين پاسي هي ڪيس داخل ڪري رهيا آهن اها پبلسٽي ٿيندي ته جلسن ۾ گهڻي تعداد ۾ عوام ايندو. راڻا ثناالله چيو ته حڪومت لاهور ۾ ملتان جلسي جهڙيون حالتون پيدا ڪيون ته ان سان ڪو به حادثو ٿي سگهي ٿو، اهو سڀ ڪجهه بني گالا ۾ ويٺل ماڻهو حرڪتون ڪري رهيا آهن . انتظاميا کي غيرجانبدار رهڻ گهرجي. نواز ليگ اڳواڻ چيو ته 13 ڊسمبر کان پوءِ ڪهڙي مرحلي تي اتفاق ٿئي ٿو، پي ڊي ايم وٽ ريلين، فيصلائتي لانگ مارچ ۽ استعيفائن جا آپشن موجود آهن ۽ هاڻي پي ڊي ايم جي سربراهي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويندو ته ڪهڙو آپشن پهرين ۽ ڪهڙو آپشن بعد ۾ استعمال ڪرڻو آهي