عمران خان نيازي جي بي نامي اڪائونٽن جو به حساب ورتو وڃي: احسن اقبال

اسلام آباد :- مسلم ليگ ن جي اڳواڻ احسن اقبال چيو آهي ته عمران خان نيازي جي بي نامي اڪائونٽن جو حساب ورتو وڃي.احتساب عدالت ٻاهران صحافين سان ڳالهائندي احسن اقبال چيو ته اڄ پاڪستان جي تاريخ ۾ اسان هڪ وڌيڪ هڪ ڪارو ڏينهن ڏٺوسين، اڳوڻي وزيراعظم کي لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ جي سزا ڏني پئي وڃي.احسن اقبال چيو ته اسان جو ضمير مطمئن آهي ڇو جو اسان جا هٿ صاف آهن پر اسان کي پاڪستان جي خدمت جي سزا ڏني پئي وڃي. پشاور کڏن جو شهر بڻجي چڪو آهي. سندس چوڻ هو ته ن ليگ شفاف احتساب تي يقين رکي ٿي.ن ليگ اڳواڻ احسن اقبال مطالبو ڪيو ته عمران خان نيازي جي بي نامي اڪائونٽن جو به حساب ورتو وڃي.