عمران خان غدار آهي:مراد علي شاهه 24 ڪلاڪن وارو انيل ڪپور وڏو وزير آهي:قادر مگسي

حيدرآباد:- ايس ٽي پي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي يومِ مادر وطن جلسي کي خطاب ڪندي چيو آهي ته تبديلي جو خواب ڏيکاري اقتدار ۾ ايندڙ عمران خان مان ڪڏهن به بهتر حڪمراني جي اميد نه هئي، عمران خان سٺو ڪرڪيٽر آهي، عمران خان جي سياست هڪ گمراهي جي سياست آهي، پاڪستان هڪ قومي ملڪ نه پر گهڻ قومي ملڪ آهي، هن ملڪ جون 5 قومون آهن، سنڌي، بلوچي، پنجابي، پشتو ۽ سرائيڪي بحيثيت پنج قومون آهن، جيڪي وفاق جون اڪائيون آهن، جستائين وفاق انهن قومن کي حق حاڪميت ۽ وسلين تي حق نه ڏيندو تيستائين پاڪستان اڻ مڪمل پاڪستان هوندو ۽ ڏنڊي جي زور تي پاڪستان کي هلايو پيو وڃي، عمران خان جي سرڪار اچڻ سان ڪشميرين جي آزادي واري خواب کي به پيرن هيٺان لتاڙي ڇڏيو، عمران خان مودي کي موقعو ڏنو، جنهن ڪشمير کي پنهنجو صوبو سمجهي هڙپ ڪري ڇڏيو، عمران خان ڪشمير وڃائي چڪو آهي، جيڪڏهن اهو ئي رويو رهيو ته حڪمران هي بچيل پاڪستان به وڃائي ويهندا، 70 سالن تائين باچا خان، جي ايم سيد، بلوچ اڳواڻن کي ملڪ جو غدار ۽ ايجنٽ قرار ڏنو ويو پر اڄ آئون عمران خان تي پاڪستان جو غدار هجڻ جو الزام لڳايان ٿو، جنهن جو ان کي عوام جي عدالت ۾ جواب ڏيڻو پوندو، عمران خان ڪنهن جي حڪم تي پاڪستان کي تباهي جي ڪناري تي وٺي وڃي رهيو آهي، صحافين کي دٻائڻ، سياسي ڪارڪنن جا چچريل لاش ڏيڻ سان ملڪ اڳتي نٿو وڌي سگهي، پاڪستان کي عوامي طاقت ۽ برابري جي بنياد تي هلائڻ سان ئي هلي سگهي ٿو، هن چيو ته زرداري ۽ نواز شريف ڪرپٽ آهن ته عمران خان سان گڏ وري ڪهڙا حاجي ويٺا آهن، جهانگير ترين، خسرو بختيار ۽ ٻين جا لٽيل ڪرپشن جا پئسا ڦري سري عمران خان جي اڪائونٽ ۾ وڃن ٿا، عمران خان ڪهڙو مسيت جو ڪک آهي، اڳي ماڻهو رکي ماني ته کائيندو هو پر هاڻ اها به کسي وئي آهي، حڪمرانن لاءِ شرم جهڙي ٻڏي مرڻ جهڙي ڳالهه آهي، مراد علي شاهه 24 ڪلاڪن جو انيل ڪپور وزيراعليٰ آهي، بلاول ڀٽو روز نيون نيون ڳالهيون ٻڌائي ٿو، ٿر ۾ ٻار مرن پيا، ڪتي جي چڪ جي اسپتالن مان دوا نٿي ملي، ملن جي بليڪ ميلنگ ۾ مهڪ ڪماري اغوا ٿئي ٿي ته ان جي مائٽن کي گمراهه ڪيو وڃي ٿو، نمرتا جي خون سان انصاف ناهي ٿي سگهيو.اسان جي سياست ڪا به شارٽ ڪٽ ناهي، نه وزارتن ۽ مشيرن جا قسم کڻي ايوانن ۾ ويهڻ جو ڪو به شوق ڪونهي، عوامي طاقت تي يقين رکون ٿا، سنڌ کي غلامي ۽ ذلتن مان نجات ڏيارينداسين، اهي ڏينهن پري ناهن، اهو خواب جلد ساڀيان ٿيندو.جن رات پيٽ ۾ پنهنجا قائد تبديل ڪري ڇڏيا انهن کي اهي قائد مبارڪ هجن، سنڌ جي قومپرست سياست کي تمام گهڻا منفي اثر ۽ منفي نتيجا ڀوڳڻا پيا آهن، ترقي پسند پارٽي جي سڃاڻپ جاگيرداري نظام مخالف آهي، سنڌ ورهائڻ وارن نسل پرستن خلاف آهيون، سنڌ  خلاف ڪم ڪندڙ نسل پرست پارٽين کي سنڌ جي ايوانن ۾ سنڌ جو نمائنده نٿو سمجهان، يقين آهي ته هڪ ڏينهن سنڌ اسڪوائر تي ايس ٽي پي جو ملين جلسو ٿيندو ۽ دنيا کي ٻڌائينداسين ته ملين جلسو هينئن ٿيندو آهي، سنڌ جي قسمت ڪو به مير پير جاگيردار جي ڊي اي  ۽ پ پ تبديل نه ڪري سگهندي.ايس ٽي پي جي وائيس چيئرمين ڊاڪٽر عبدالحميد ميمڻ خطاب ڪندي چيو ته اڳوڻي ڊڪٽيٽر مشرف کي عدالت سزا ڏني ته ان کي اسٽيبلشمينٽ چيو ته مشرف غدار ڪيئن ٿو ٿي سگهي، جڏهن ته پنهنجي وطن ۽ قومن لاءِ جدوجهد ڪندڙ قومپرستن جي رستا روڪ ڪئي پئي وڃي، هن چيو ته سنڌ جي قومي وحدت ۽ بقا لاءِ ايس ٽي پي اڄ به ثابت قدمي سان جدوجهد جي ميدان ۾ آهي، سنڌ ايشيا جو زرخيز خطو آهي پر نااهل حڪمرانن جي ڪري سنڌ 75 سيڪڙو کان وڌيڪ هيٺ غربت ۾ هيٺ ۽ تعليم ۾ بلوچستان کان به پوئتي هلي وئي آهي، هن چيو ته هڪ ڏينهن سنڌ جو عوام ضرور لٽيرن کي سڃاڻي وٺندو ۽ سنڌ پنهنجو تاريخي اوج ضرور موٽائيندي. جلسي کي نوجوان دانشور ذوالفقار هاليپوٽو، سماجي اڳواڻ ذوالفقار قادري، ايس ٽي پي اڳواڻن احمد خان نوناري، ڊاڪٽر رجب ميمڻ، عبدالفتاح سميجو، الطاف جسڪاڻي، هوت خان گاڏهي، حيدر ملاح، قادر چنا، ڊاڪٽر گلزار سومرو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. جڏهن ته اسٽيج تي ڊاڪٽر قادر مگسي سان گڏ سندس پٽ سرواڻ مگسي ۽ ٻيا مهمان ويٺل هئا.