عمران خان صحت بابت صلاحڪار ڊاڪٽر ظفر مرزا طرفان سپريم ڪورٽ ۾ غير سنجيدگي رويو اختيار ڪرڻ جو نوٽيس وٺي ڇڏيو

اسلام آباد :- وزيراعظم عمران خان صحت بابت صلاحڪار ڊاڪٽر ظفر مرزا طرفان سپريم ڪورٽ ۾ غير سنجيدگي رويو اختيار ڪرڻ جو نوٽيس وٺي ڇڏيو، ذريعن موجب وزيراعظم سپريم ڪورٽ ۾ ڪورونا روڪٿام جي حوالي سان حڪومتي ڪاوشن کي مناسب طريقي سان پيش نه ڪرڻ جو به نوٽيس ورتو ۽ معاون خصوصي تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، ذريعن موجب ڊاڪٽر ظفر مرزا سپريم ڪورٽ ۾ پڇيل سوالن جا جواب ڏيڻ ۾ ناڪام ٿي ويو.