عمران خان سمجهي ويو ته عوام جي ووٽن سان نه تعبداري سان ئي وزيراعظم ٿيندس: مريم نواز

لاهور :- نون ليگ جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته 2013ع وارين چونڊن ۾ عبرتناڪ شڪست بعد عمران خان سمجهي ويو ته عوام جَي ووٽن سان وزيراعظم نه ٿيندس، تابعداري سان ئي وزيراعظم بڻجي سگهان ٿو، عمران خان ميچ فڪسنگ ڪري نوازشريف کي اقامَي تي ڪڍرايو. مريم نواز جا لاهور جلسي ۾ عمران خان تي تنقيدي وار ڪندي چيو ته عمران خان ٽن سالن تائين فرعون جَي لهجَي ۾ چوندو رهيو ته اين آر او نه ڏيندس، هاڻي نوازشريف ۽ پي ڊي ايم کان اين آر او گهري رهيو آهي، کيس اين آر او نه ڏينداسين، مريم نواز چيو ته هن وقت ملڪ جِي ترقي، روزگار، دوائون ۽ ميڊيا جِي آزادي قرنطينه ٿي وئي آهي. عمران خان جِي نااهلي جا ذميوار سليڪٽرز آهن، نااهلي ۽ نالائقي جو جواب به عمران خان کي آڻيندڙن کي ڏيڻو پوندو. مريم چيو ته جيڪي چون پيا ته مينار پاڪستان ڀري ڏيکاريو، اهي اچي ڏسن ته مينار پاڪستان سان گڏ روڊ رستا به ڀرجي ويا آهن، تابعدار خان توکي هاڻي وڃڻو پوندو، ڇو ته، تو عوام سان دوکو ڪيو آهي ۽ خوشحال ملڪ کي تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيو، ملڪ کي آءِ ايم ايف وٽ گروِي رکيو ويو آهي