عمران خان خانگي ڪمپنين کي تيل جي اگهن ۾ گهٽتائي جو فائدو عوام کي ڏيڻ جي هدايت ڪري پيو، پر پاڻ ان تي عمل نه پيو ڪري:شهباز شريف

لاهور :- نون ليگ جي صدر شهباز شريف چيو ته وزيراعظم عمران خان خانگي ڪمپنين کي تيل جي اگهن ۾ گهٽتائي جو فائدو عوام کي ڏيڻ جي هدايت ڪري پيو، پر پاڻ ان تي عمل نه پيو ڪري. هن چيو ته تيل جي اگهن ۾ تاريخي گهٽتائي جو فائدو گيس جا اگهه گهٽائي عوام ڏانهن منتقل ڇو نه ڪيو ويو؟ هن چيو ته ڊالر، معيشيت ۽ گيس جي شعبي واري سنگين غلطي پيٽروليم جي شعبي ۾ به ورجائي پئي وڃي. شهباز شريف چيو ته پيٽرول جو بحران حڪومتي نظام جي ناڪارا ٿي وڃڻ جي نشاني آهي، حڪومت پيٽرول ڪمپنين سان ويهي حل ڪڍي، عوام کي تڪليف نه ڏني وڃي. مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف وڌيڪ چيو ته پيٽرول جي کوٽ سان ماڪڙ خلاف ڪارروائين تي ناڪاري اثر پوندا، اڳ کان پيش ايندڙ مسئلا وڌيڪ سنگين ٿيڻ جو خدشو آهي.