عمران خان جي قائم ڪيل پاور انڪوائري ڪيمشن ڏانهن هڪ ٻيو اهم ڪيس سامهون

اسلام آباد :- وزير اعظم عمران خان جي قائم ڪيل پاور انڪوائري ڪيمشن ڏانهن هڪ ٻيو اهم ڪيس موڪلي ڇڏيو.تفصيل موجب پ پ دور جي مالي بي ضابطگين جو هڪ ٻيو اسڪينڊل سامهون آيو آهي، جنهن کي انڪوائري ڪميشن ڏانهن موڪليو ويو.نيشنل هاءِ وي اٿارٽي طرفان اسڪينڊل جي تفصيل موڪلي وئي، اربين رپين جو ملتان ۽ لاڙڪاڻو پيڪيج پيپلز پارٽي دور ۾ ڏنو ويو هو جنهن ۾ گهوٻين جا اطلاع آهن.مليل اطلاعن موجب ٺيڪا حاصل ڪندڙ ڪنٽريڪٽر ڪوڙي اڪائونٽ ڪيس ۾ ملوث نڪتو.ڪنٽريڪٽر کي مليل پيس  ڪوڙي اڪائونٽ ۾ جمع ڪرايا ويا هئا، جي ٽي آءِ رپورٽ ۾ به ان ڪنٽريڪٽر جو نالو اچي چڪو آهي.