عمران خان جو ٽوئيٽ پاڪستاني قوم جي ڪوڙي همدردي حاصل ڪرڻ جو محض ڊرامو آهي

لاهور: مسلم ليگ (ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي صحت جي باري ۾ وزيراعظم عمران خان جي ٽوئيٽ کي واڳو جا ڳوڙها قرار ڏنو آهي.مريم اورنگزيب جو چوڻ آهي ته عمران خان جو ٽوئيٽ پاڪستاني قوم جي ڪوڙي همدردي حاصل ڪرڻ جو محض ڊرامو آهي. پنهنجي بيان ۾ مريم اورنگزيب چيو ته عمران خان سياسي مخالفن کي سزاءِ موت جي چڪين ۾ رکي همدردي جي ٽوئيٽ جا ڊراما نه ڪري.سياسي اختلاف هڪ طرف پر ٽوئيٽ جاري ڪري عمران خان ضمير جي خلش مٽائڻ جي ڪوشش نه ڪري. هن چيو ته سچ ته اهو آهي ته نواز شريف کي اذيت ڏيڻ ۽ ذهني دٻاءُ جي لاءِ عمران خان مريم نواز کي ٻيهر جيل موڪليو.هن وزيراعظم کي مخاطب ٿيندي چيو ته عمران خان توهان جي ڪرائي جي ترجمانن جي زهريلي ڪوڙي زبان بند ناهي ٿي. هن چيو ته نواز شريف جي ان حالت جو ذميوار توهان آهيو ۽ توهان کي چڱي طرح پاڻ خبر آهي. توهان سياسي انتقام ۾ اڳيان نڪري اهي سڀ قدم کنيا جنهن سان نواز شريف جي جان خطري ۾ پئجي وئي.