عمران خان جو سياسي معاملن بابت خاص مددگار نعيم الحق فوت

ڪراچي:- وزيراعظم عمران خان جو سياسي معاملن بابت خاص مددگار نعيم الحق فوت ٿي ويو آهي. تحريڪ انصاف جي اڳواڻ نعيم الحق کي وزيراعظم جو ويجهو ساٿي سمجهيو ويندو هو جنهن جي فوت ٿيڻ جي تصديق سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل ڪئي آهي. نعيم الحق ڪينسر جي مرض ۾ مبتلا هو ۽ ڪافي وقت کان سياسي سرگرمين کان پري هو. وزيراعظم جو خاص مددگار نعيم الحق ڪراچي جي هڪ خانگي اسپتال ۾ علاج هيٺ هو ۽ ڪجهه ڏينهن اڳ کيس اسپتال آندو ويو هو.