عمان جو سلطان قابوس لاڏاڻو ڪري ويو، جنازي نماز ۾ ماڻهن جي وڏي انگ ۾ شرڪت

عمان :- عمان جو سلطان قابوس 79 سالن جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. پرڏيهي خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب سلطان قابوس ڊگھي عرصي کان بيمار هو. عمان جو شاهي خاندان 3 ڏينهن ۾ سلطان قابوس جي تخت تي ٻئي جانشين ويهارڻ جو اختيار رکي ٿو. شاهي خاندان 3 ڏينهن ۾ سلطان جي جڳهه تي ڪنهن ٻئي جانشين کي ويهارڻ جي چونڊ نه ڪري سگهيو ته ڪائونسل ۽ عدالت فيصلو ڪندي. جانشين جي چونڊ ڪرڻ جي لاءِ عهديدارن جا نالا سلطان قابوس چونڊ ڪري چڪو آهي. اڻ ڌري پرڏيهي پاليسي جي لاءِ مشهور سلطان قابوس 1970 ۾ عمان جو تخت سنڀاليو هو ۽ ان جي دور ۾ عمان ترقي جون ڪيتريون ئي منزلون طئي ڪيون هيون، مسقط جي جامع مسجد ۾ سلطنت آف عمان جي سلطان قابوس جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي آهي، سندس جاءِ تي حيثم بن طارق کي نئون سلطان مقرر ڪيو ويو آهي. سلطان قابوس جمعي جي رات لاڏاڻو ڪري ويو هو، سندس جنازي نمازي ۾ ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي هئي.