علي مردان راهوجو جي سربراهي ۾ سوشل ڊيموڪريٽڪ پارٽي جو قيام

ڪراچي:- ڪراچي ۾ اڄ هڪ نئين سياسي پارٽي جو بنياد وڌو ويو، جنهن جو نالو سوشل ڊيموڪريٽرڪ پارٽي رکيو ويو آهي، ذريعن موجب علي مردان راهوجو جي قيادت ۾ نئين پارٽي جو بنياد وڌو ويو. جڏهن ته مختلف ضلعن لاءِ ڪو آرڊينيٽر ۽ 9 رڪني مرڪزي ڪميٽي پڻ قائم ڪئي وئي آهي. پارٽي ذريعن موجب سنڌي ووٽرن کي اڪثر اها شڪايت رهندي آهي ته کين ڪا به موزون متبادل چوائس ميسر ڪونهي جو هو پنهنجي ووٽ جو صحيح استعمال ڪري سگهن.