عليزا خطار کي تنگ ڪندڙ استادن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي: سنڌو نواز

 خيرپور:-  يوٿ ايڪشن ڪميٽي جي چيئرمين سنڌو نواز چيو آهي ته سنڌ ۾ پروفيسرن، استادن پاران تعليم حاصل ڪندڙ نياڻين کي جنسي حراسان ڪرڻ جو سلسلو جاري رهيو ته والدين پنهجي نياڻين کي پڙهائڻ وارو سلسلو بند ڪري ڇڏيندا. هوءَ پريس ڪلب خيرپور ۾ سمي هاءِ اسڪول جي  متاثر شاگردياڻي عليزا حطار ۽ سندس وارثن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪري رهي هئي. سنڌو نواز چيو ته شاگردياڻين کي جنسي حراسان ڪرڻ تي سنڌ حڪومت ۽ انتظاميان مٿان ڪيترائي سوال پيداٿين ٿا، جڏهن تعليمي ادارن ۾ استاد بگهڙن جو روپ اختيار ڪري شاگرد نياڻين جي عزت ۽ مستقبل کان کيڏي رهيا آهن ۽ علائقي جا بااثر هن ڪڌي ڪم کي لڪائڻ ۾ بگهڙن جا ساٿاري بڻيل آهن، هن چيو ته سنڌ حڪومت ۽ ذميوارن کي پنهجو ڪردار ادا ڪرڻ جي اشد ضرورت آهي ٻي صورت سنڌ مان نياڻي جي تعيلم جو خاتمو ٿيندو رهندو،  سمي هاءِ اسڪول جي استاد پاران جنسي حراسان ٿيندڙ شاگردياڻي عليزا حطار ٻڌايو ته استاد نديم ميراڻي مسلسل تنگ ڪري دوستي رکڻ لاءِ زور ڀريندو رهيو،غلام شبير ڀاڳت ۽ غلام رسول ڀٽي پڻ هن جا ساٿاري هئا،  جنهن جي شڪايت اسڪول جي هيڊ ماستر کي ڪيم ته ان خاموش رهڻ لاءِ  اسڪول مان نيڪالي ۽ امتحان ۾ فيل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏينيون،جنهن بعد  مون سوشل ميڊيا ،پرنٽ ميڊيا ۽ اليڪٽرونڪ ميڊيا ذريعي ٿيندڙ ظلم خلاف آواز اٿاريو ته استاد نديم ميراڻي  باثرن سان گڏجي منهجي ۽ وارثن مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪرايا آهن ۽ خاموش رحن لاءِ سخت نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، شاگردياڻي عليزا حطار اعليٰ عدالتن، وزير اعظم پاڪستان، سنڌ جي وڏي وزير ،آءِ جي سنڌ سميت وس وارن کان مطالبو ڪيو ته  واقعي جو نوٽيس وٺي انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.