عربي سمنڊ ۾ طوفان ڪيار سُپر سائيڪلون ۾ تبديل مهاڻا اونهي سمنڊ ۾ نه وڃن

ڪراچي : عربي سمنڊ ۾ طوفان ڪيار سُپر سائيڪلون ۾ تبديل ٿي ويو. موسميات کاتي ايڊوائيزري جاري ڪندي چيو آهي ته عربي شمند ۾ ٺهندڙ طوفان سُپر سائيڪلن جي صورت اختيار ڪري ورتي آهي. جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي سوڌو ٻين علائقن ۾ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات پوڻ جو امڪان آهي. موسميات کاتي موجب عربي سمنڊ ۾ پيدا ٿيل طوفان (ڪيار) هيل تائين جو سڀ کان وڏو طاقتور سامونڊي طوفان آهي. ڪيار ڪراچي کان ڏکڻ طرف 860 ڪلوميٽرز جي فاصلي تي سمنڊ ۾ آهي، جيڪو 15 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان اُتر اولهه طرف وڌي رهيو آهي.
مهاڻا اونهي سمنڊ ۾ نه وڃن . موسميات کاتي جي ايڊوائيزري ۾ چيو ويو آهي ته سامونڊي طوفان ڪيار جي چوڌاري هوائون 230 کان 250 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هلي رهيون آهن. طوفان سنڌ سوڌو پاڪستان جي ڪنهن به سامونڊي پٽيءَ تي سڌي ريت اثرانداز نه ٿيندو. جڏهن ته مهاڻا طوفان سبب مڇيءَ جي شڪار لاءِ اونهي سمنڊ ۾ وڃڻ کان پاسو ڪن.