عراق ۾ هڪ دفعو ٻيهر حڪومت خلاف پرتشدد مظاهرن شروعات جي 42ڄڻا مارجي ويا

بغداد :- عراق ۾ هڪ دفعو ٻيهر حڪومت خلاف پرتشدد مظاهرن جي شروعات ٿي وئي آهي جنهن دوران 42 ڄڻا مارجي ويا ۽ 2 هزار کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن.عالمي خبرون ڏيندڙ اداري موجب ڪجهه ڏينهن جي ٺاپر کان پوءِ هڪ دفعو ٻيهر عراق جي روڊن تي احتجاج ڪندڙن جو قبضو آهي جيڪي سرڪاري آفيسن واري علائقي ۾ داخل ٿيڻ چاهين ٿا. جڳهين کي باهين جو نشانو بنائي ٽائرن کي باهيون ڏئي مظاهرن جو سلسلو جاري آهي. هوڏانهن سيڪيورٽي فورس مشعل مظاهرين کي سرڪاري آفيسن کان پري رکڻ جي لاءِ جارحانه رويو اختيار ڪيو آهي جنهن سبب 2 ڏينهن ۾ مارجي ويلن جو انگ 42 ٿي ويو آهي.جڏهن ته 2 هزار کان وڌيڪ ماڻهو زخمي آهن. هاءِ ڪميشن فار هيومن رائيٽس نالي واچ ڊاگ طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب راڄڌاني بعداد ۾ 8 ماڻهو جڏهن ته ميسان، قار ۽ بصرا ۾ 9-9 ماڻهو مارجي ويا آهن. مظاهرين لڳ ڀڳ 50 سرڪاري عمارتن کي باهيون ڏئي ڇڏيون آهن.  جڏهن ته مظاهرين کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ جي لاءِ گوليون هلايون ويون ۽ ڳوڙها آڻيندڙ گئس جو استعمال ڪيو ويو. واضح رهي ته عراق ۾ هلندڙ مهيني جي شروعات کان شهرين بدعنواني ۽ بيروزگاري جي خاتمي ۽ سياسي نظام ۾ بهتر اصلاحتن جي ڪري احتجاج شروع ڪيو جيڪو هاڻ پرتشدد صورت اختيار ڪري ويو آهي. مظاهرن جي پهرين مرحلي ۾ به ڪيترائي ماڻهو مارجي ويا هئا پر ٻئي مرحلي ۾ وڌيڪ نقصان جو خدشو آهي.