عدالت پي آءِ اي سربراهه ايئر مارشل ارشد ملڪ کي ڪم کان روڪي ڇڏيو

ڪراچي :- سنڌ هاءِ ڪورٽ پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائينز (پي آءِ اي) جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر (سي اي او) ايئر مارشل ارشد ملڪ کي ڪم ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي. پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائنز جي سي اي او ارشد ملڪ جي خلاف سينيئر اسٽاف ايسوسيئيشن (ساسا) جي جنرل سيڪريٽري صفدر انجم سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي آهي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته ايئر مارشل ارشد ملڪ تعليمي معيار تي پورو نٿو لهي، ان کي ايئر لائين متعلق ڪو به تجربو ناهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ٻه رڪني بينچ ايئر مارشل ارشد ملڪ جي مقرري جي خلاف درخواست جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران عدالت ايئر مارشل ارشد ملڪ کي ڪم ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو، جڏهن ته پي آءِ اي ۾ نين ڀرتين، ملازمن کي ڪڍڻ ۽ بدلين کان به روڪي ڇڏيو آهي. عدالت جي حڪم مطابق بورڊ آف ڊائريڪٽر ۽ ايڇ آر پي آءِ اي ۾ خريد ۽ وڪرو پاليسي تي هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ جا اثاثا به وڪرو نٿا ڪري سگهجن. عدالت ڊپٽي اٽارني جنرل کي 22 جنوري جي لاءِ نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو آهي. ياد رهي ته 11 آڪٽوبر 2018ع تي وفاقي ڪابينا ايئر مارشل ارشد ملڪ کي پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائنز (پي آءِ اي) جو چيئرمين بڻائڻ جي منظوري ڏني هئي، جڏهن ته ان کي 2 اپريل 2019ع تي سي اي او مقرر ڪيو ويو هو.