عدالتي فيصلو شڪي آهي، اهم عهدن تي ويٺل ماڻهن مون کي نشانو بڻايو: پرويز مشرف

ڪراچي:- اڳوڻي صدر پرويز مشرف خاص عدالت جي موت جي سزا واري فيصلي کي شڪي قرار ڏيندي چيو آهي ته جيڪي جج منهنجي دور ۾ فائدو کڻندا رهيا، اهي مون خلاف فيصلو ڪيئن ڏئي سگهن ٿا. پرويز مشرف پنهنجي ويڊيو پيغام ۾ چيو ته عدالتي فيصلي کي شڪي سمجهان ٿو، عدالت جو احترام آهي پر جاچ ڪاميٽي کي بيان ڏيڻ واري آڇ کي به رد ڪيان ٿو. هن چيو ته مون خاص عدالت جو فيصلو ٽي وي تي ٻڌو، جنهن ۾ قانون جي حڪمراني جو ڪو خاص خيال نه رکيو ويو، خاص عدالت جي فيصلي جهڙو اڳ ۾ ڪو مثال نٿو ملي. پرويز مشرف چيو ته منهنجي غير موجودگي ۾ فيصلو ٻڌايو ويو، وڪيل کي صفائي جو موقعو نه مليو،خاص عدالت جو فيصلو ٽي وي تي ٻڌو، قانوني ٽيم سان مشاورت بعد حڪمت عملي جوڙيندس. هن چيو ته چيف جسٽس قانون جي حڪمراني جي ڳالهه ڪئي آهي، ڪيس ۾ رڳو هڪ شخص کي ٽارگيٽ ڪيو ويو، واقعن کي پنهنجي مرضي جو رنگ ڏيڻ مان ظاهر ٿيو ته هي ڇا ٿا چاهين. خاص عدالت آرٽيڪل 6 جو فيصلو ڏنو، جيڪو ٽي وي تي ٻڌو، منهنجي نظر ۾ فيصلو شڪي آهي، خاص ڪميشن هتي اچڻ جي صورت ۾ بيان رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ تيار هيس پر منهنجي ڳالهه کي نظرانداز ڪيو ويو، فيصلي ۾ قانون جي بالادستي جو خيال نه رکيو ويو، اهڙي فيصلي جو ماضيءَ ۾ ڪو به مثال نٿو ملي، منهنجي خلاف اهو ڪيس ڪجهه ماڻهن جي ذاتي دشمني جي بنياد تي کنيو ويو. هن چيو ته قانون جو مايوس ڪندڙ استعمال، فرد واحد کي نشانو بڻائڻ ۽ واقعن جو پنهنجي خواهش موجب چونڊ ڪرڻ اهو ظاهر ڪري ٿو ته اهي ماڻهو ڇا ٿا چاهين.