عباس جکراڻي جو بنگلو سب جيل قرار،جيڪب آباد منتقل

جيڪب آباد:- نيب سکر پاران 20 سيپٽمبر 2019 تي ڪرپشن ڪيس ۾ گرفتار ڪيل ميونسپل ڪاميٽي جيڪب آباد جي اڳوڻي چيئرمين مير غلام عباس جکراڻي جي جيڪب آباد واري بنگلي کي سب جيل قرار ڏيندي کيس جيڪب آباد منتقل ڪيو ويو آهي ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب مير غلام عباس جکراڻي وڏي وزير جي جيلن بابت صوبائي صلاحڪار مير اعجاز حسين جکراڻي کي درخواست ڪئي ته کيس عوامي عهدو هئڻ سبب گهر کي سب جيل قرار ڏنو وڃي جنهن بعد اها درخواست منظوري لاءِ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وٽ پهتي ۽ وڏي وزير کي اهڙا پاور هئڻ سبب سندس درخواست منظور ڪندي ميونسپل ڪاميٽي جيڪب آباد جي اڳواڻي چيئرمين عباس خان جکراڻي جي اولڊ ميونسپل روڊ تي قائم بنگلي کي سب جيل قرار ڏيندي سکر کان سب جيل(بنگلي) ۾ منتقل ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا ويا جنهن بعد سکر انتظاميا پاران عباس خان جکراڻي کي آزاد ڪري سندس بنگلي ۾ منتقل ڪيو ويو آهي عباس خان جکراڻي جي گهر  کي سب جيل قرار ڏيڻ بعد سندس بنگلي تي حفاظتي انتظام سخت ڪيا ويا آهن ضلعي پوليس سميت جيل پوليس جا عملدار به بنگلي ۾ موجود هوندا ۽ عباس خان جکراڻي عدالتي حڪم تائين پنهنجي گهر ۾ ئي قيد هوندو.